جنت مرزا سوشل ميڊيا تي شهرت ۾ هانيا عامر کان به اڳتي نڪري وئي

0
30
جنت مرزا سوشل ميڊيا تي شهرت ۾ هانيا عامر کان به اڳتي نڪري وئي
جنت مرزا سوشل ميڊيا تي شهرت ۾ هانيا عامر کان به اڳتي نڪري وئي

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان جي نمبر ون ٽڪ ٽاڪر اسٽار جنت مرزا سوشل ميڊيا تي مشهوري جي ڊوڙ ۾ وڏين وڏين اداڪارائن کي شڪست ڏئي ڇڏي، جنت مرزا جي مختصر وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ تي فالوورز جو انگ 25 ملين ٿيڻ بعد هوءَ پاڪستان جي واحد شخصيت بڻجي وئي

جنهن جا ڪنهن به سوشل ميڊيا پليٽ فار تي 25 ملين فالوورز آهن، ٽڪ ٽاڪر پنهنجي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل جي اسٽوري ۾ پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جو اسڪرين شارٽ شيئر ڪيو، هن چيو ته ٽڪ ٽاڪ تي 25 ملين فالوورز حاصل ڪرڻ منهنجي وڏي ڪاميابي آهي، تمام گهڻي خوش آهيان

جنت مرزا پنهنجي ٽڪ ٽاڪ فيملي سان مخاطب ٿيندي لکيو ته جيڪو به منهنجي 25 ملين فالوورز جو حصو آهي مان انهن سڀني سان محبت ڪيان ٿي، واضح رهي ته پاڪستان اداڪارائن ۾ سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ مشهور هانيه عامر آهي جنهن جا انسٽاگرام تي 14 ملين فالوورز آهن، عائزه خان جا انسٽاگرام تي 14 ملين فالوورز آهن