جنت مرزا جا ٽڪ ٽاڪ تي هڪ ڪروڙ 60 لک فالوورز ٿي ويا

0
508

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا جي ويڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ تي فالوئرز جو انگ 16 ملين ٿي ويو.فيصل آباد سان واسطو رکندڙ ٽڪ ٽاڪ اسٽار ۽ تازو لالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪندڙ اداڪارا جنت مرزا کي ٽڪ ٽاڪ تي 16 ملين واهپيدارن فالو ڪري ورتو آهي ۽ هوءَ اهڙو اعزاز حاصل ڪندڙ پهرين پاڪستاني شخصيت بڻجي وئي آهي.جنت مرزا مقبوليت جي ڊوڙ ۾ موجوده وزيراعظم عمران خان کي به پوئتي ڇڏي چڪي آهي، جنهن جا ٽوئيٽر تي 13.9 ملين فالوئر هئا پر جنت مرزا سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.