جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ ڳوٺ حاجي ولي محمد ٽانوري واسڻ رشيدان زال سھراب چاچڙ آپريشن ذريعي ڌيءَ کي جنم ڏنو ته ان جي حالت بگڙجي وئي. جمس انتظاميا سھولتون نه ھئڻ جو جواز ڄاڻائي عورت کي ايمبولينس تي لاڙڪاڻي کڻائي وڃڻ لاءِ موڪليو ته عورت رستي ۾ ھمايون ڀرسان فوت ٿي وئي. ھمايون ۾ نجي ڪلينڪ جي ڊاڪٽر نادر علي پنهور عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ته وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، فوتي عورت جي مڙس سھراب چاچڙ دانھيندي چيو ته زال کي ويم لاءِ جمس اسپتال آندو ويو ليڊي ڊاڪٽر آپريشن ذريعي ويم جو چئي رت جي ٿيلھين جي بندوبست ڪرڻ لاءِ چيو آپريشن کان اڳ رت جون 5 ٿيلھيون مھيا ڪيون ويون ۽ ٻاھر جي ميڊيڪل اسٽور کان دوائون به وٺي ڏنيون ويون آپريشن ذريعي زال ڌيءَ کي جنم ڏنو ته زال جي طبيعت بگڙجي وئي جنهن بعد جمس انتظاميا زال کي لاڙڪاڻي کڻائي وڃڻ لاءِ چيو جيڪا لاڙڪاڻي منتقل دوران رستي تي ئي فوت ٿي وئي. ھن الزام مڙهندي چيو ته جمس اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر جي غفلت آهي جنهن جي غلط آپريشن سبب زال فوت ٿي وئي آهي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ جمس اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر کان موقف وٺڻ لاءِ رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.