جمال شاهه ۾ مڙس سان اڻبڻت بعد پيڪن وٽ ويل ناريءَ جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ

0
230

جمال شاھ (ن پ ا) جمال شاهه ۾ مڙس سان اڻبڻت بعد پيڪن وٽ ويل ناريءَ جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ  آيو، وارثن طرفان ناري سلميٰ کوسو جو لاش مبينا طور بنا غسل ۽ ڪفن جي دفنائڻ جو انڪشاف، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو، ناريءَ جي والد صاحب خان جو چوڻ آهي ته ساهرن سان جهيڙي بعد سلميٰ پيڪن وٽ آئي هئي، مڙس کان ڌار ٿيڻ سبب هوءَ ذهني دٻاءُ جو شڪار رهندي هئي، گهر ۾ ڪوبه ڀاتي نه هو ته هُن ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس طرفان مامري جي جاچ شروع ڪرڻ جي دعويٰ، ناري جو لاش هٿ نه آيو.