ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وھاب جي ملير ضلعي  مان  يوسي چيئرمين طور بنا مقابلي ڪاميابي کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو .ان ڏس ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مرتضيٰ وھاب جي ابراھيم حيدري مان بنا مقابلي ڪاميابي ڌمڪين ۽ خوف پکيڙڻ سان ٿي آھي،  اسانجي اميدوارن کي ڊيڄاري  زوري ھٿ کڻايو ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پڻ پ پ سان مليل آھي،  اهڙي ڪاميابي کي چيلنيج ڪنداسين