جماعت اسلامي لسانيت جي سياست نه ڪري: زين شاهه

0
215
جماعت اسلامي لسانيت جي سياست نه ڪري: زين شاهه
جماعت اسلامي لسانيت جي سياست نه ڪري: زين شاهه

ڪراچي: ايس يو پي جي صدر ۽ جي ڊي اي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو آهي ته ملڪ تي ڪرپٽ ٽولو قابض آهي، افسوس ته هڪ سال اڳ ٿيل تبديلي جو پاڪستان کي ڪو فائدو ناهي ٿيو

ڪراچي ۾ جي ڊي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي زين شاهه چيو ته سنڌ تي گذريل 15 سالن کان پ پ مڙهيل آهي، انھن کي چئون ٿا ته زرداري ۽ انھن کي بار بار اين آر او ڏئي سنڌ سميت سموري ملڪ جو نقصان ڪيو آھي

هن چيو ته  ڊجيٽل آدمشماري هڪ ته وقت کان اڳ ڪرائي وئي ۽ اُن ۾ 2017ع وارين خامين کي ختم نه ڪيو ويو، راڄڌاني ڪراچي سميت سموري سنڌ کي درست ڳڻيو وڃي

زين شاهه چيو ته آدمشماري ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ته اُهو پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي گڏيل رضامندي سان ٿيو، جڏهن ته جماعت اسلامي ڪراچي ۾ لسانيت کي هوا ڏئي رهي آهي

هن کي به پڙهندا

ڪراچي سنڌ جو تاج آهي، ڪنهن کي نه ڏينداسين: صدر الدين شاهه