جلباڻي- ويسر تڪرار … تڪڙي ٺاهه جي اصل ڪهاڻي

0
16
جلباڻي- ويسر تڪرار ... تڪڙي ٺاهه جي اصل ڪهاڻي

هن وقت اتر سنڌ ۾ بندوق ۽ گوليءَ جي ٻولي رائج ٿيل آهي. جهيڙيندڙ ڌريون گوليءَ جي اها ٻولي سمجهن به ٿيون ۽ هڪٻئي کي موٽ به ڏين ٿيون. جتي انتظامي اپاهجيءَ جو درد ناڪ “تماشو” بنا ڪنهن ٽڪيٽ جي هر مند ۽ موسم ۾ ڏسي سگهجي ٿو. پر جي “امن پسند” آهي ته اهو اتان جو “قانون” آهي، جيڪو لڳ ڀڳ هر معاملي کان ڄڻ ته لاتعلق بڻيل آهي. اهڙا سڀ قبيلائي جهيڙا دراصل انصاف جي سرشتي تي عوام جي عدم اعتماد جو اظهار آهن. اتر سنڌ شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ۾ ضلعن اندر هلندڙ خوني جهيڙن جو اصل سبب معلوم ڪبو به خبر پوندي ته انهن جهيڙن جو اصل رمورٽ ڪنٽرول ڪنهن ٻي هنڌ تي آهي. جهيڙيندڙ ڌرين وارن علائقن ۾ زندگي مفلوج بڻيل آهي. زندگيءَ جو ڪار وهنوار ٺپ آهي. بدلي جي باهه ۾ ماڻهو ٻنيون ٻارا وڪڻي ڳرا هٿيار وٺڻ تي مجبور آهن ۽ وڌندڙ رتوڇاڻ سبب هٿيار وڪڻندڙ توڙي ورتل هٿيار پڄائيندڙ مافيائن جا وارا نيارا ٿي پيا آهن ۽ ان صورتحال ۾ حيران ڪندڙ ڳالهه اها به آهي ته هٿيارن جي فراهمي به انهن ئي رستن کان ٿئي ٿي، جتي قانون جي چوڪس هجڻ جون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون.

خير پاڻ ڳالهه ڪريون ٿا رتيدري ۾ جلباڻي- ويسر تڪرار ۽ ان جي تڪڙي فيصلي جي، جتي فريال ٽالپر جي اليڪشني تڪ رتيديري ۾ سردار ۽ سنڌ سرڪار جي ٽياڪڙي سان جهيڙيندڙ ڌريون اڌ ڪلاڪ ۾ “کيرکنڊ” ٿي ويون. تمام سٺو ڪم ٿيو، ڇڪتاڻ ختم ٿي. اسان آجيان ڪريون ٿا پر سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ڪالهه تائين ٻئي ڌريون هڪٻئي جي جان جون دشمن هيون، جيڪي هر روز، ڏينهن ۽ رات هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪندا هئا ۽ فائرنگ بند ڪري وري سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي کي “ست سريون” وڊيوز ۾ ڄڻ گارين جي گوءِ رکندا هئا. سوال اهو آهي ته جلباڻي- ويسر جهيڙو ايڏي وڏي تماشي کان پوءِ سرڪاري سرڪٽ هائوس ۾ صرف اڌ ڪلاڪ اندر ڪيئن نبرجي ويو…؟جهيڙيندڙ جاهل فورس کي اوچتو عقل ڪيئن اچي ويو ته جهيڙو خراب آهي!؟  جواب آهي ته اهو فريال ٽالپر صاحبه جو معجزو آهي جو سندس تڪ ۾ جاري ٻن گروپن جي ڇڪتاڻ کي اردو ميڊيا رتوديرو لکڻ بدران “صدر پاڪستان آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي تڪ ۾ ڏوهارين گينگ سرگرم بندش پيل هٿيارن سان هڪٻئي مٿان فائرنگ” ڪري رپورٽ ڪيو. ان اشو کي هاءِ لائيٽ ڪرڻ تي سنڌ ۾ اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل فريال صاحبه جي سياسي ساک تي آڱريون کڄيون، جنهن جي نتيجي ۾ محترما فريال صاحبه جلباڻي ۽ ويسر سردارن جي حاضري لڳائي ۽ ٻنهي کي هر صورت ۾ فيصلي لاءِ راضي ڪري ٻن ڏينهن رپورٽ ڏيڻ جو پابند ڪيو.

ٻئي طرف وري آءِ جي سنڌ معرفت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحيل کوسي کي سرگرم ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين جي ملوث ماڻهن کي فيصلي لاءِ آماده ڪرڻ ۽ نه ٿيڻ جي صورت ۾ وڏي پئماني تي گرفتاري ۽ هٿيارن جي نمائش ڪندڙ 35 ڄڻن جا گهر بلڊوز ڪرڻ جو ٽاسڪ مليو. ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي پاڻ رتيديري پهچي ٻنهي ڌرين جي ماڻهن کي اهو آخري آپشن ٻڌايو ويو، جنهن کانپوءِ ٻئي ڏينهن ئي ٻنهي ڌرين ڳالهين لاءِ راضپو ڏيکاريو ۽ سرڪٽ هائوس ۾ صرف اڌ ڪلاڪ اندر ٻنهي ڌرين پاران نه صرف ڀاڪر پاتا پر لکت ۾ صُلحُ  نامي تي صحيون ڪندي آڳرائي نه ڪرڻ جي پڪ پڻ ڏني وئي.

اڃا به حيران ڪندڙ ۽ مزي جي ڳالهه اها ته نه ڪا خون جي بها مقرر ٿي، نه ڪو زخمين جو ڏنڊ ڏوهه پيو. ڌرين کلندي کلندي ڀاڪر پاتا. اهو آهي حقيقي سرڪاري پريشر جيڪو سردار ۽ پوليس تي پيو ته ڪئين ست خير ٿي ويا…!! هاڻي پاڻ اندازو لڳايو اگر سرڪار ۽ سردار چاهين ۽ فريال صاحبه ۽ باقي سنڌ کي به پنهنجو تڪ سمجهي اهميت ڏي ۽ پوليس کي ائين فري هينڊ ڇڏي ته سڄي سنڌ خاص طور اترين ٽنهي ضلعن شڪارپور، ڪشمور، گهوٽڪي ۾ هلندڙ خوني تڪرار هڪ ڏينهن ۾ ختم ٿي سگهن ٿا.