جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف انڪوائري لاءِ شهزاد اڪبر چيو:بشير ميمڻ

0
329

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف انڪوائري لاءِ شهزاد اڪبر چيو، فروغ نسيم حمايت ڪئي ۽ وزيراعظم عمران خان چيو ته، همت ڪريو، اوهان ڪري سگهو ٿا: اڳوڻي ڊي جِي ايف آءِ اَي بشير ميمڻ جو انڪشاف، بشير ميمڻ چيو ته مُون انهن کي سمجهائڻ جِي وڏي ڪوشش ڪئي ته ايف آءِ اَي جَي ضابطن ۾ ايئن نٿو ڪري سگهجَي، اُهو ڪم سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو آهي، پوليس غير قانوني ڪم ڪيئن ٿي ڪري سگهَي، اُهو به هڪ جج جَي خلاف؟ بشير ميمڻ چيو ته، مون تي مريم نواز کي گرفتار ڪرڻ لاءِ به دٻاءُ وڌو ويو هو، چيو ويو هو ته مريم نواز پريس ڪانفرنس ڪري هڪ جج کي دهشت زَدا ڪيو، جڏهن جج دهشت زَدا ٿي ويو ته پوءِ دهشتگردي جو ڪيس ته ٺهي ٿو، مون جواب ڏنو ته اِهو دهشتگردي جو ڪيس ناهي، ساڳي ريت خاتونِ اَول جِي تصوير جاري ڪرڻ تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو هو.