جديد شاعري کي نئون موڙ ڏيندڙ شمشيرالحيدري

0
13
جديد شاعري کي نئون موڙ ڏيندڙ شمشيرالحيدري

 شمشيرالحيدري 15 سيپٽمبر 1932ع تي ڪڍڻ ڳوٺ، ضلعي بدين ۾ رسول بخش خواجه جي گهر ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم بدين مان ۽ پوءِ ڪجهه وقت سنڌ مدرسته الاسلام مان پڙهيو پر ترت ئي اتان واپس آيو. سندس ساٿ محمد عثمان ڏيپلائيءَ سان ٿيو. جن جي سنگت ۾ هُن اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان پهريان اديب سنڌي ۽ پوءِ اديب عالم سنڌيءَ جا امتحان پاس ڪيا. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرس ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين. انهيءَ دور ۾ ايم اي ۾”سنڌي نظم جي اوسر“ تي مقالو لکيائين. جو تمام گهڻو مقبول ٿيو. هن سنڌي شاعريءَ جي مزاج کي گهڻو پرکيو ۽ باقائدي طور سنڌي شاعريءَ جي بنيادي دور کان وٺي جديد دور تائين جي سڄي سلسلي تي نظر وجهي ان مان مکيه نتيجن تي پهچي جيڪي اهم نڪتا پيش ڪيا. انهن موجب ته، سنڌي جي عظيم شاعري(ڪلاسيڪل) عروضي پيماني تي نه، بلڪه هندي وزن ۽ موسيقيءَ جي اصولن تي ٻڌل آهي ۽ عروضي پابنديون سنڌي شاعريءَ جي مزاج سان ٺهڪندڙ نه آهن ۽ کڻي سنڌ جي شاعرن انهيءَ تي مڪمل عمل ڪيو آهي. ايراني ماحول واري روايتي شاعري شروع کان اڄ تائين، سنڌيءَ جي ڪنهن به دور سان نٿي ٺهڪي. ٻاهريون صنفون سنڌي شاعريءَ فقط اظهار جي سانچي طور اختيار ڪيون آهن ان کان سواءِ اهو به چيائين ته، ”جديد شاعري ڪلاسيڪي دور جو نئون تعبير آهي ۽ سنڌي مزاج سان موافق آهي“.

مطلب ته شمشير صاحب سنڌي جديد شاعريءَ جي پٺڀرائي ڪئي. هو جيترو سٺو شاعر هو ايترو ئي سٺو نثر نگار پڻ، آزاد طبع ليکڪ هو. شروعاتي طور تي 1950ع ۾ بدين جي رائيس مل مان ڪم ڪرڻ بعد مختلف هنڌن تي ڪم ڪيائين. يوٿ ڊويزنل افيئرس جو پراونشل چيف ٿي 19هين گريڊ ۾، 1991ع ۾ رٽائر ڪيائين. هن ترقي پسند اديب جي قلم ۾ شمشير جي نوڪ موجود هئي جنهن ڪري مختلف اخبارن کي سنڀاليندي حڪومت خلاف پڻ لکندو هو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران سندس لکيل ڪالم”ڀيڙ تي ڏونڪو“ تمام گهڻي مشهوري ماڻي.هُن ڪاوش، خادمِ وطن، مهراڻ ۽ هلال پاڪستان اخبارن ۾ ڪم ڪيو. ”ماهوار”هلچل“ ۽”هدايت“ رسالي جا 2 پرچا ڪڍيائين. سندس تخليقي قوت، محنت جو جذبو، مطالعو، خوش مزاجي، خودداري، سچائي ۽ نهٺائي اعليٰ درجي جي هئي. کلندي چوندو هو ته: ”مان شاعر ناهيان. ضرورت تحت شاعر ٿي ويو آهيان“. يعني پروڊيوسر مون کان ڪو گيت لکرائي وٺن ٿا. پر در حقيقت هو هر فن موليٰ هو. هو ميڊيا سان لاڳاپيل هو سندس ڪيترائي مداح رهيا آهن. ٽي وي تي سنڌي پروگرامن جو پهريون ڪمپيئر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر هو. ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيائين. 6 جون 2010ع تي کين سنڌي ادبي سنگت پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو.

شمشيرالحيدري جي ڇپيل ڪتابن ۾ انسان ڪامل(شخصيات – 1953) ڪاروان ڪربلا (تاريخ. 1954)، پورس جا هاٿي(ڪهاڻيون. 1958) ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“(ترتيب. 1961) ”لاٽ“(شعر. 1962) ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور“ (ترجمو. 1963) آمريڪا جو سياسي سرشتو(ترجمو. 1964) ”سنڌي ۾ آزاد نظم جي اوسر“. (1987) ”ڪاڪ محل_ناٽڪ“. 1988) تاريخ جو ڪچرو(شاعري) آهن.

”ڪاڪ محل“ شمشير صاحب جو ناٽڪ 1988ع ۾ ڇپيو. سنگم پبليڪيشن طرفان ڇپايل هن ناٽڪ جي شروعات هن بيت سان ٿيل آهي.

زندگي ڪاڪ محل آهي ڪو رنگا رنگي،

جنهن ۾ مقصد ٿو ناز ڪري، سدا مومل جيان

دور کان دل کي لڀائي، نه اچڻ ڏئي ويجهو،

ڪير آهي جو لنگهي پار پوي مشڪل مان.

ناٽڪ جي لکڻ جي مقصديت تي ليکڪ لکيو آهي ته،”لطيفي لات“ پروگرام ۾ جڏهن شاهه جي سورمين جي داستانن کي تاريخي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ رٿي ويئي ته مون بنا سوچ ويچار جي”ڪاڪ محل“ جي ڪهاڻي لکڻ جي تجويز پيش ڪئي. سڄاڻ پروفيسر محمد بخش سميجو، هڪدم اتفاق ڪيو ۽ ان ريت 9 اپريل 1986ع کان 25 جون 1986ع تائين، ڪاڪ محل جون ٻارنهن قسطون هر اربع تي 6 لڳي 10 منٽن تي ٽي وي تان پيش ڪيون وينديون هيون.(2)

هن ناٽڪ ۾ مومل راڻي جي تاريخي داستان کي آندو ويو آهي ته گڏ تاريخي ڪردارن جو تحقيق ڪري تعارف پڻ ڏنل آهي. جيئن همير بادشاهه، راڻو مينڌرو، راجا نند، مومل آهن ۽ هن ناٽڪ جي باري ۾ ڪجهه احوال ڊاڪٽر نبي بخش جي ڪتاب ”مشهور عشقيه داستان 5 مومل راڻو“ تان پڻ ورتل آهن. مڪالمه نگاريءَ جو مثال هن ر يت آهي.

مومل:- هيءَ ٿڌڙي هير ڪيڏي نه سيبائيندڙ آهي.؟“

راڻو: تنهنجي وارن جو واس ان کان وڌيڪ لڀائيندڙ آهي.

مومل: هي وشال آڪاش، هي پکين جون مٺڙيون لاتيون، هي. هوا جي هنج تي کڄي ايندڙ سرهاڻيون، زندگي ڪيڏي نه سهڻي آهي راڻا! (3)

هيءَ ناٽڪ گهڻو مقبول ٿيو ۽ پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. مٿي آئون ڄاڻائي آئي آهيان ته شمشيرالحيدري سنڌي شاعريءَ جي مزاج کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن جديد شاعريءَ جي موافقت ۾ متناسب نموني سان سمجهاڻين ۽ دليلن سان مقالو لکيو جنهن سان ئي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئون موڙ آيو.

همسفر گاڏهيءَ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سنڌ ۾ سرجندڙ ادب کان مطمئن يا غير مطمئن ٿيڻ جي حوالي سان شمشير الحيدري چيو ته، ”جيڪو به ادب، جنهن به دور ۾ سرجي ٿو. اهو ڪڏهن به مطمئن ڪندڙ نه ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ادب، ادب جي ماضيءَ کان مستقبل ڏانهن ويندڙ سلسلي جو حصو ٿيندو آهي. تنهن ڪري جيستائين ان خاص وقت جي ادب کي اڳيان پويان ناتا نه ملندا آهن. تيستائين ان جي ڪٿ نه ٿيندي آهي. يا ٻين لفظن ۾ ادب جي ڪٿ ايندڙ زمانو ڪندو. باقي ادب جي جيڪا رفتار آهي جن موضوعن تي لکجي پيو يا جن ويچارن تي پڌرو ڪيو پيو وڃي. اهي مطمئن ڪندڙ آهن. يا نه.؟ ان لحاظ کان آئون سمجهان ٿو صورتحال تمام مطمئن ڪندڙ آهي. ڇاڪاڻ جو نئون ادب سرجي پيو ۽ نئين ٽهيءَ جا ليکڪ لکن پيا ۽ وقت جي ڪن موضوعن کي نظر انداز نه پيا ڪن.“(2)

هن موجوده وقت جي ميڊيا ۽ پرنٽنگ جي ادارن، رسالن، اخبارن ۽ ٿيندڙ مشاعرن ۽ ادبي پليٽ فارمن کي ساراهيو. سندس موجب ته مستقبل جا نقاد موجود، ادبي صورتحال کي اطمينان بخش قرار ڏيندا.

صحافت جي حوالي سان سندس تجربو وسيع هو. ادبي ميدان ۾ سندس مامي نظير حسين حيدري ۽ مهراڻ رسالي ۾ نوڪريءَ دوران محمد ابراهيم جويو ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ سندس گهڻي رهنمائي ڪئي. هو ”ٽه ماهي مهراڻ“، جو ايڊيٽر رهيو ادبي بورڊ ۾ سندس وڏو ڪم آهي.”نئين زندگي“ مخزن جو به ڳچ عرصو ايڊيٽر رهيو. هن ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ لکڻ سان گڏ ترجما ڪيا ته شاعريءَ ۾ سندس اهم مجموعو”لاٽ“ ۽ باقي ڪجهه ڪتاب پڻ ڇپيل اٿس. شعر جو نمونو هن ريت آهي:

تنهنجي نيڻ ۾ جو نهاري ويو

ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻي ڪناري ويو.

پيار جي بک نه آهي دنيا کي،

وقت اڄ واڳ پنهنجي واري ويو.

هڪڙو”شمشير“ هو زماني ۾،

سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.

10آگسٽ تي شمشيرالحيدري هن فاني دنيا مان رحلت ڪري ويو.سنڌي شاعري، سوانح ۽ ترجما نگاريءَ ۾ سندس ڪم اهميت جوڳو رهندو.

حوالا:

1- شمشيرالحيدري،”ڪاڪ محل“ (سنگم پبليڪيشن

،1988ع. ص. 12

2- ساڳيو . ص. 14

3- ساڳيو ص. 180

4- همسفر گاڏهي، ”سنڌ جي ڏاهپ کان سورنهن انٽرويو“، (حصو

پهريون) سارنگ پبلشنگ هائوس، ڪراچي. ص. 273.

5- سولنگي، غلام مصطفيٰ، ”شاعري ڳالهائي ٿي،“ سنڌ راڻي

پبليڪيشن حيدرآباد، 2015ع، ص. 39.

آخري اڳيون پويون پھريون