ججن کي الزامن کان پري ۽ شفاف رهڻ گهرجي: سينيٽر فيصل واوڊا

0
37
ججن کي الزامن کان پري ۽ شفاف رهڻ گهرجي، ادارن کي نشانو بڻائڻ بند ڪيو: سينيٽر فيصل واوڊا
ججن کي الزامن کان پري ۽ شفاف رهڻ گهرجي، ادارن کي نشانو بڻائڻ بند ڪيو: سينيٽر فيصل واوڊا

سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته ججن کي الزامن کان پري ۽ شفاف رهڻ گهرجي، ادارن کي نشانو بڻائڻ بند ڪيو، ادارن جي ڪا مداخلت آهي ته ثبوت ڏيو، شاهديون کڻي اچو اسان توهان سان گڏ هونداسين، هاڻي ڪير پٽڪو لاهيندو ته اسان به پٽڪي جو فوٽ بال ٺاهينداسين

سينيٽر فيصل واوڊا اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته بابر ستار لاءِ چيو ويو ته پاڪستاني آهي، موڪل واري ڏينهن به بابر ستار بابت پريس رليز جاري ڪئي وئي، مون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کي خط لکيو

هن چيو ته 15 ڏينهن کان جواب نه پيو ملي، هڪ سينيٽر کي جواب نه ٿو ملي ته عام ماڻهو کي ڪهڙو جواب ملندو، حڪومت ماني سستي ڪئي ته ان تي به اسٽي آرڊر جاري ڪيو ويو

اسيمبلي ميمبر ٻٽي شهريت نه ٿو رکي سگهي ته پوءِ جج ڇو رکي؟ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي هن معاملي ۾ مداخلت ڪرڻي پوندي