ججز کي ڌمڪي وارا خط ملڻ واري معاملي جي جاچ جاري، ٽيم جا پنڊي ۽ لاهور ۾ ڇاپا

0
46
ججز کي ڌمڪي وارا خط ملڻ واري معاملي جي جاچ جاري، ٽيم جا پنڊي ۽ لاهور ۾ ڇاپا
ججز کي ڌمڪي وارا خط ملڻ واري معاملي جي جاچ جاري، ٽيم جا پنڊي ۽ لاهور ۾ ڇاپا

ججز کي ڌمڪي  وارا خط ملڻ  واري معاملي جي جاچ جاري، آرسينڪ  پائوڊر  ڪٿان خريد ڪيو ويو، جاچ ٽيم جا راولپنڊي ۽ لاهور ۾ ڇاپا، جاچ ٽيمن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ڀرسان واقع پنسار اسٽورز جي ڊيٽا حاصل ڪري ورتي

 اسلام آباد ۾ جاچ ٽيمن نيو ٽائون راولپنڊي ۽ آءِ ٽين فور جو دورو ڪري پنسار اسٽورز  کان آرسينڪ پائوڊر جي خريداري تي پڇا ڳاڇا ڪئي

ذريعن موجب جاچ ٽيمن پنسار اسٽورز مالڪن کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به قسم جي ڪيميڪل جي خريداريءَ کان پهرين شاپ ڪيپر خريدار جي معلومات جو رڪارڊ رکن

لاهور ۾ به مختلف پنسار اسٽورز تي ڇاپا، دڪاندارن کان معلومات ۽ پڇاڳاڇا ڪئي وئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، لاهور ۽ سپريم ڪورٽ جي ججز کي ڌمڪين وارا خط موڪليا ويا هئا