ججز کي سوشل ميڊيا جو اثر نه وٺڻ گهرجي: جسٽس اطهر من الله

0
49

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته ججز کي تنقيد کان گهٻرائڻ نه گهرجي، ججز کي سوشل ميڊيا جو اثر نه وٺڻ گهرجي، ڪو جج سوشل ميڊيا جو اثر وٺي ٿو  ته اها حلف جي ڀڃڪڙي آهي، ججز تي تنقيد ڀلي ڪئي وڃي پر عدليه تي اعتماد به ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ کي آئيني ترميمن کي نه ڇيڙڻ گهرجي

اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو ته اظهار راءِ جو احترام ڪيو وڃي ها ته نه ملڪ ٻه ٽڪر ٿئي ها ۽ نه وري ليڊر ڦاهي چڙهي ها

هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ اسان جوابدار آهيون، ذوالفقار ڀٽو لاءِ ٽرائل ۾ اخبارن  نه جوابدار لکيو ۽ نه معصوم لکيو

جسٽس اطهر من الله چيو ته ارڙهين ترميم جي خاتمي جو ذڪر ٿيو ته مون چيو ته ارڙهين ترميم ختم ڪئي وئي ته مان استعيفا ڏئي ڇڏيندس

هن چيو ته اخبارن ۾ لکيو ويو ته اطهر من الله سپريم ڪورٽ کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي