اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته حڪومتي ڪوششن سان 95 مان 91 مسنگ شاگردن کي بازياب ڪرايو ويو آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتن هن وقت تائين صرف لاپتا ماڻهن جي واپسي تي فوڪس ڪيو آهي. ڪڏهن اِن کان اڳتي ناهي وئي، ٽريس ٿيندڙن کي گهرائي بيان رڪارڊ ناهن ڪيا. جنهن ڏينهن ائين ڪيو ته اوهان جي اڌ حڪومت ۽ آفيشلز پراسيڪيوٽ ٿي ويندا. هر ايڪشن جو هڪ ري ايڪشن هوندو آهي. انهن کي معلوم ناهي ته اهڙن قدمن سان رياست جي خلاف نفرت پيدا ٿيندي آهي. ايجنسين جو پنهنجو ڪم آهي. انهن کي ڪم کان نٿا روڪيون، ادارن تي الزام لڳي رهيا آهن ته انهن پرفارم ڪرڻ ۽ الزامن کي غلط ثابت ڪرڻو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني لاپتا بلوچ شاگردن جي بازيابي متعلق ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇيو ته آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آءِ بي، سي ٽي ڊي ۽ ايف آءِ اي جي عهديدارن تي مشتمل ڪاميٽي ڪجهه ڪم ڪيو آهي؟  ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جهڙي طرح اٽارني جنرل چيو هو ته لاپتا ماڻهن جي حوالي اسان اڳڀرائي ٿي آهي. ڳجهن ادارن جي ميمبرن ۽ چيئرمين تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. ايمان مزاري ايڊووڪيٽ چيو ته هِتي ڪو ٻيو بيان ڏنو ويندو آهي. بلوچستان ۾ ڪجهه ٻيو هوندو آهي. گذريل ٻڌڻي بعد مسنگ پرسنز جا نوان ڪيسز به سامهون آيا آهن. هڪ شاگرد انيس الرحمان هن وقت تائين گم آهي جنهن کي 5 جون تي خضدار مان جبري طور تي لاپتا ڪيو ويو، باقي شاگرد بازياب ٿي ويا آهن. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻي لانگ ٽرم مسنگ وارو معاملو شارٽ ٽرم مسنگ جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. ڪنهن ليول تي پاليسي ميڪرز سان ڪنهن سوال ڪيو؟ هو محسوس نه ڪري رڪيا آهن ته رياست جي خلاف اِن طرح سان نفرت وڌي رهي آهي. هر ايڪشن جو ري ايڪشن هوندو آهي. انهن ۾ دهشتگرد به هوندا پر جيڪو به ٿيڻو آهي اهو قانون مطابق ٿيڻو آهي. ايمان مزاري ايڊووڪيٽ چيو ته پهريان لاپتا ڪري ڇڏين ٿا بعد ۾ سي ٽي ڊي جي حوالي ڪري ڇڏين ٿا. هاڻي اهو معاملو پوري ملڪ ۾ وڌي رهيو آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اسان مسنگ پرسنسز جي ڪيسن لاءِ معاملو لارجر بينچ کي موڪليو هيو. ڪرمنل جسٽس ڪاميٽي جي به هڪ ميٽنگ ٿيندي آهي جنهن ۾ اسان اشوز کي ڏسندا آهيون. هن ۾ به آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جي ڊي جيز کي گهرائڻ جو چيو هو. ان بعد اهو ٿيندو ته اسان اوهان کي نه چونداسين. انهن کي ڊائريڪٽ گهرائي پڇاڻو ڪنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ ماڻهو کي ايجنسين وٽ رکي بعد ۾ سي ٽي ڊي 500 گرام ڌماڪي خيز مواد وجهڻو آهي ته اِن سان ته صرف عدالت جو وقت ضايع ٿيندو. هڪ ڪاميٽِي ايڊمنسٽريشن سائيڊ تي آهي ان ۾ ڳجهن ادارن جي سربراهن کي گهرائينداسين. اهي صرف لاپتا ماڻهن جي حد تائين بريف ڪندا. ڪافي ڪيسز نيشنل سيڪيورٽي متعلق آهن اسان انهن کي اِن ڪئمرا وٺنداسين. هي لاپتا ماڻهن وارو معامرو حل ٿيڻ گهرجي. لاپتا ماڻهن جا مسئلا رياست جي لاءِ محبت پيدا نه ڪري رهيا آهن. بين الاقوامي سطح تي اسان انساني حقن جي ڀڃڪڙين طور تي سڃاتا وڃون ٿا. اهو ئي ڪارڻ آهي ته سيڙپڪار به هِتي نه اچي رهيا آهن. جسٽس ڪياني پٽيشنر ايمان مزاري طرف اشارو ڪندي چيو ته مون کي ته اهو نظر ايندو آهي ته هڪ ڇوڪري پوري پاڪستان طرفان بيٺل آهي. عدالت چيو ته تفصيلي آرڊر جاري ڪنداسين جنهن بعد عدالت ٻڌڻي ملتو ڪري ڇڏي.