اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ گم ٿيلن ۽ جبري گمشدگين بابت ڪيس ٻڌڻي  لاءِ مقرر ڪيو ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي به بينچ جو حصو هوندا. سينيئر وڪيل اعتزاز احسن سميت ڪيترن ئي درخواستگذارن سپريم ڪورٽ ۾ جبري گمشدگين خلاف درخواستون داخل ڪيون هيون.