اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) جبري مذهب جي تبديلي کي روڪڻ لاءِ تيار ڪيل بل کي وفاقي حڪومت غير شرعي، غير انساني ۽ آئيني حقن جي ٽڪراءَ ۾ ايندڙ بل قرار ڏئي ڇڏيو، ڪاميٽي جبري مذهب جي تبديلي واري بل کي رد ڪري ڇڏيو، اقليتي ميمبرن پاران احتجاج، تفصيل موجب ڪالهه اقليتن جي تحفظ لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي چيئرمين لياقت ترڪئي جي صدارت ۾ ٿيو، پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته حڪومت هن بل کي رد ڪري ٿي، هي حڪومت جو نه پر نجي ميمبر بل آهي، سينيٽر مشتاق احمد چيو ته حڪومت اسلام، اقليتن ۽ اسان سڀني کي دنيا سامهون ڪٽهڙي ۾ بيهاريو آهي، مسئلو زبردستي مسلمان ڪرڻ جو ناهي، هي بل آئين جي خلاف آهي، ٿيڻ ائين گهرجي ها ته هي بل رد ڪري ٻيو متفقه بل تيار ڪيو وڃي ها،مذهبي مامرن جي وزير نور الحق قادري چيو ته هي بل اسلام قبول ڪرڻ خلاف استعمال ٿيڻ جو خدشو آهي، هي بل انساني حقن جي وزارت کي اعتراض سان گڏ واپس موڪليو ويو هو، هن بل تي عالمن ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل سان مشاورت ٿي، هن بل ۾ 18 سالن جي عمر جي شرط، جج سامهون پيشي ۽ 90 ڏينهن جي انتظار کي غير شرعي، غيرقانوني ۽ بنيادي آئيني حقن جي خلاف سمهجون ٿا، مذهب جي جبري تبديلي جي اسلام ۾ هرگز گنجائش ناهي، ان جي روڪٿام به ضروري آهي، پاڪستان ۾ جبري مذهب جي تبديلي جا مامرا تمام گهٽ آهن پر بدنامي جو سبب آهن، انساني حقن جي وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري لال مالهي مذهبي مامرن جي وزير نور الحق قادري ۽ علي محمد خان سان مخاطب ٿيندي چيو ته وزيراعظم تقرير ڪري جبري مذهب جي تبديلي جي مسئلي کي حل ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو ۽ توهان اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ به ميان مٺو کي گهرائي ان کان راءِ وٺي ان جي چوڻ تي ان بل خلاف ڪم ڪري رهيا آهيو، ان دوران ٻين اقليتي ميمبرن به سخت احتجاج ڪيو، سينيٽر دنيش ڪمار ۽ کيئل داس ڪوهستاني، لال مالهي واڪ آئوٽ جي به ڌمڪي ڏني، پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته جبري مذهب جي تبديلي واري بل کي مذهبي وزارت رد ڪيو آهي، مذهبي مامرن جي وفاقي وزير نور الحق قادري چيو ته ان بل لاءِ هن وقت ماحول ناهي، ڪنهن اين جي او جي ڊڪٽيشن تي نه هلنداسين، اگر ڪنهن کي تڪليف آهي ته ڪوئي مسلمان ڇو ٿي رهيو آهي ته ڪاميٽي ان لاءِ ناهي ٺهي، پاڪستان جو آئين اقليتن کي 100 سيڪڙو حق ڏئي ٿو، جيڪو بل اسلام خلاف هجي ان تي ووٽنگ به نه ٿي ٿي سگهي، هن بل کي درست ڪري آندو وڃي اسان ساٿ ڏينداسين، پارلياماني وزارت توڙي مذهبي وزارت هن بل کي رد ڪري ٿي، هن ڪاميٽي جو ڪم جبري مذهبي جي تبديلي کي روڪڻو آهي، مذهب تبديل ڪرڻ کي روڪڻ ڪاميٽي جو ڪم ناهي، جنهن تي پي ٽي آءِ جي اقليتي ميمبر لال مالهي چيو ته هن بل ۾ مذهبي وزارت يا پارلياماني وزارت جيڪي شيون غير شرعي سمجهي ٿي اهي ڀلي ڪڍيون وڃن، پر اقليتن کي تحفظ ڏنو وڃي، پي ٽي آءِ ميمبر جئي پرڪاش چيو ته اگر بل ۾ ڏنل عمر جي حد تي اعتراض آهي ته ان ۾ ترميم پيش ڪئي وڃي، ڪوئي مذهب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جو به طريقيڪار طئي ڪيو وڃي، سنڌ ۾ ڇوڪرين کي اغوا ڪيو وڃي ٿو، ان کان پوءِ مذهب تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، جبري مذهب جي تبديلي کان پوءِ انهن ڇوڪرين سان شادي ڪئي وڃي ٿي، سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته توهان مڃي ئي نه رهيا آهيو ته ملڪ ۾ هي مسئلو موجود آهي، سنڌ ۾ ڪجهه ماڻهو اسلام ۽ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن، اگر 16 سالن جي عمر کان اڳ مذهب تبديل ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ 16 سالن کان گهٽ عمر رکندڙن کي ڊرائيونگ ۽ اسلحو لائسنس به ڏنو وڃي، مولوي فيض محمد چيو ته اسلام قبول ڪرڻ لاءِ 18 سالن جي شرط آئين ۽ مذهب جي خلاف آهي، جنهن کان پوءِ بنا ووٽنگ جي جبري مذهب جي تبديلي واري بل کي ڪاميٽي رد ڪري ڇڏيو، بنا ووٽنگ ڪرائڻ جي بل کي رد ڪرڻ خلاف اقليتي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو، رميش ڪمار جو چوڻ هو ته سڀ تسليم ڪري رهيا آهن ته جبري مذهب جي تبديلي جو مامرو موجود آهي، چيئرمين ڪاميٽي کي پنهنجي رولنگ ذريعي بل کي رد ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي، ان جي رولنگ تي احتجاج ڪيان ٿو، اقليتن لاءِ اڄ ڪارو ڏينهن آهي، ڪاميٽي لکت ۾ مليل فيصلو پڙهيو آهي، هوڏانهن قانون وزارت پاران به لکت ۾ ڪاميٽي کي جبري مذهب جي تبديلي واري بل کي عوامي مفادن ۾ رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.