واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ هڪ ٻئي ڪاري نسل جي نوجوان جي پوليس هٿان موت کانپوءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي. آمريڪا ۾ هڪ ٻئي ڪاري نسل نوجوان جي پوليس هٿان موت کانپوءِ عوام رستن تي اچي ويو آهي، سيڪيورٽي اهلڪارن سان چڪرين دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، ٻي رات به شهر جي مختلف جاين تي شهري جمع ٿيا ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن جي هٿ ۾ فوت ٿيل نوجوان ڊانٽي رائٽ جون تصويرون به هيون. اهلڪارن واقعي جا فوٽيج جاري ڪري ڇڏيا آهن، مني پولس شهر جي پوليس آفيسر جو چوڻ آهي ته اهلڪار جو نوجوان کي قتل ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه هو، اهو هڪ حادثو هو. ڊانٽي تي فائرنگ ڪندڙ عورت اهلڪار جي سڃاڻپ ڪم پوٽر طور ڪئي وئي آهي.