جاتي(ن پ ا)اسان ماڻھن کان فقط تير جو ووٽ گهري رهيا آهيون باقي پارٽي جي ٽڪيٽ تان اليڪشن وڙهندڙ ڀلين اسان جي مخالفت ڪن اسان هميشا عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا : حاجي شوڪت علي ملڪاڻي،پ پ جي پي ايس 74 جي اميدوار محمد علي خان ملڪاڻي جي ڀاءُ حاجي شوڪت ملڪاڻي جاتي شهر ڀرسان آرائين برادري جي چوڌري صديق آرائين. چوڌري ارشاد آرائين،چوڌري عبدالقدوس آرائين،چودري وسيم طارق آرائين،چوڌري عبدالقادر آرائين چوڌري عبدالوحيد آرائين ۽ آرائين برادري پاران ڏنل آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، پ پ اڳواڻ حاجي شوڪت ملڪاڻي چيو ته انشاءُ الله پ پ پ ملڪ ۾ ڪلين سوئپ ڪندي ۽ ملڪ جو وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو، حاجي شوڪت علي خان ملڪاڻي چيو ته پارٽي جي ٽڪيٽ تان اليڪشن وڙھندڙ مخالف سجاول ۽ ٺٽي ۾ پ پ اميدوارن خلاف پنهنجا ماڻھون بيهاري پارٽي خلاف اليڪشن پيا ڪرائين پر انهن کي شايد خبر ڪونهي ته  پ پ جو ٺٽي ۽ سجاول ۾ سمنڊ جيان  ووٽ آهي ھتان جو عوام پ پ کي ڇڏي مفاد خاطر بيھاريل ماڻھن کي ووٽ نه ڪندا، تقريب ۾ پ پ جي سابق ضلعي صدر عبدالستار لوهار،اعظم خان ملڪاڻي،حاجي محمد قريشي، ارشاد آرائين،اڪبر رحمٰن ٿھيم  ۽ ٻين شرڪت ڪئي.