ثانيه مرزا ۽ نريندر مودي وچ ۾ ورچوئل ٽاڪ

0
366

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي وچ ۾ ورچوئل ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ثانيه مرزا وڊيو شيئر ڪئي، ڀارتي وزير اعظم وڊيو ڪال تي ثانيه مرزا کان راندين جي حوالي سان راءِ ورتي. ثانيه مرزا ٻڌايو ته ڀارت ۾ ٽيلينٽ جي کوٽ ناهي، هاڻ ڀارتي ۾ تمام گهڻيون رانديگرياڻيون ٽينس ۾ شامل ٿي ويون آهن. ٻئي پاسي ثانيه مرزا يوٽيوب تي پنهنجو آفيشل چينل به ٺاهيو آهي. هوڏانهن پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ ۽ سندس زال ثانيه مرزا کي دبئي جو گولڊن ويزا به ملي ويو آهي.