ثاقب نثار جو آڊيو، راڻا شميم جو حلف نامي جي بيان جي وضاحت ججن ۽ عدليه کي ڪرڻي آھي: پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمدالله

0
229
ثاقب نثار جو آڊيو
ثاقب نثار جو آڊيو، راڻا شميم جو حلف نامي جي بيان جي وضاحت ججن ۽ عدليه کي ڪرڻي آھي: پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمدالله

مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو آڊيو ۽ جسٽس (ر) راڻا شميم جو حلفنامو وڏو سواليه نشان آهي.

پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ حمدالله چيو ته مخالف ڌر اڳ به خدشا ظاهر ڪري چڪي آهي ته ناانصافي ٿي رهي آهي، هاڻي اهو ججن ۽ عدليه تي آهي ته هو وضاحت ڪن.

هن جو چوڻ ھو تھ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو آڊيو ۽ جسٽس (ر) راڻا شميم جو حلفنامو وڏو سواليه نشان آهي.

پي ڊي ايم ترجمان چيو ته لانگ مارچ، استعيفائن ۽ ڌرڻن جون تجويزون تيار ڪيون وڃن، حتمي منظوري سڀاڻي جي اجلاس ۾ ڏني ويندي.