تھذيبن جو ارتقا، زوال ۽ ان تي تحقيق

0
223
تھذيبن جو ارتقا، زوال ۽ ان تي تحقيق

 تحقيق ھر دور ۾ ٿيندي رھي آھي، جنھن سان ڪڏھن ماضي جي جھان بابت ڄاڻ ملندي رھي ٿي تہ ڪڏھن جديد علم سان اڳتي جي زندگي نئون روپ اختيار ڪندي رھي ٿي. ٽي چار سئو سال اڳ مغرب جڏھن اونداھي دور مان پئي گذريو تہ دنيا جي ٻين حصن خاص ڪري مشرق جي طرف معاشرا معاشي ۽ سماجي طور بھتر پوزيشن م ھئا. مغرب مشرق جي ڄاڻ مان فائدو حاصل ڪري پنھنجي ترقي جو بنياد رکيو ھو. مغرب پنھنجي اڀار ۾ جتي تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪيون، اتي ھنن گھڻ رخي ترقي ۽ تحقيق تي ڌيان ڏنو. ھو سائنسي تحقيق  ڪندي خلا، سمنڊ جي تھن، جبلن جي چوٽين تائين وڃي پھتا. ھنن  دنيا جي ڪن حصن ۾ مٽي ۾ پوريل دڙا کوٽي تھذيب جي آثارن کي وڌيڪ پڌرو ڪري انسان کي ماضي جي ترقي ياد ڏياري. ماڻھن کي ان مان اھو اتساھ بہ مليو تہ اسان جا بزرگ بہ پنھنجي ڏاھپ، حرفت ۽ ھنرن ذريعي سٺيون اڏاوتون ڪندا ھئا ۽ منظم معاشري ۾ رھندا ھئا.

                 مغربي ليکڪن جو اھو ڪردار بھرحال تعريف لائق آھي تہ ھنن علم جي ھر شاخ ۽ موضوع تي لکي، ان کي وصف ڏني پر  ائين بہ باور ڪرايو تہ ڄڻ اھو علم سندن ئي  ڪري ماڻھن جي سامھون آيو آھي. ٻين علائقن جي شروعاتي علمي سگھ واري حقيقت پنھنجي جاءِ تي پر جيڪو منظم ۽ گھڻي تحقيق مغرب ۾ ٿي آھي، تنھن تي ھنن جي ڪارڪردگي جي مڃتا انھن جو حق آھي. اوائلي تھذيبن جي آثارن جي کوٽائي ۽ اتان ڄاڻ ملڻ تي تھذيب جي وصف، انھن جي اسرڻ ۽ بربادي جي سببن تي بہ غور فڪر ڪيو ويو. لفظ سولائيزيشن لاطيني ٻولي جي لفظ سويتاز مان نڪتل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي شھر. جنھن مان اھو مطلب ڪڍيو ويو تہ سولائيزيشن جو مطلب  اھو معاشرو، جيڪو شھرن تي ٻڌل ھجي ۽ جنھن  ماديت ۽ روحانيت جي مدد سان ھڪ جامع ماحول ۾ ڪلچر، سياست، قانوني ادارن ۽ سماجي ترقي ۾ پيشرفت ڪئي ھجي. تھذيب  ڏاھپ، ڪلچر ۽ اخلاقيات جي بھتري  سطح بہ چيو ويو آھي. تھذيب جي ھڪ وصف اھا بہ آھي تہ اھا درندگي  جو ضد آھي.

نالي وارو ليکڪ اسپرنگر پنھنجي ڪتاب رائز اينڊ فال آف سولائيزيشن ۾ لکي ٿو تہ ھزارين سال اڳ انسان ٽولين ۾ کاڌي  لاءِ شڪار ۽ کائڻ لائق ٻوٽن جي  ڳولا ۾ َڦرندو رھندو ھو. خوراڪ جي بندوبست جي فڪر سان گڏ کيس خونخوار جانورن ۽ مخالف انسانن کان بچاءُ، سان گڏ موسمي سختين کي منھن ڏيڻ جي بندوبست بہ ڪرڻو ھوندو ھو. گذريل ست ھزار سال اڳ ھنن اوزار، ھٿيار ۽ باھ تي ڪجھ دسترس حاصل ڪرڻ کان پوءِ  تھذيب ڏانھن سندس پھريون قدم جانورن کي پالي انھن مان خوارڪ، لباس، سواري وغيرھ جي ضرورت پوري ڪئي. تھذيب ڏانھن ٻيو قدم پاڻي جي ڪنارن تي رھي اتي پوکي راھي ڪرڻ جي شروعات ڪئي. سوين سالن کان پوءِ اھي آباديون جامع تھذيبن جو روپ وٺنديون ويون. مال جا وڳ، زراعت، سماجي قدرن جو جڙڻ، بچاءُ لاءِ ويڙھاڪ سوچ ، مذھبي ادارا ۽ سياست  جي ڪري ماڻھن جي ڪم ڪار جا شعبا بہ جدا ٿيا. اڳتي جي ترقي ۾ ڦيٿي، ڌاتو، لک پڙھ، ملڪيت جي حدن، واپار سان تھذيبن جي اوسر بھتر ٿيندي ويئي.  جنھن کي پھرين منظم تھذيب مڃيو وڃي ٿو، سا دجلہ ۽ فرات ندين جي وچ واري خطي ۾ اٽڪل 5000 سال قبل مسيح ۾ اسري ھئي. ان حوالي سان نيل ندي، سنڌو ۽ چين ۾ پاڻي جي ڪنارن تي ان جو ھمعصر تھذيبون اسريون. سائوٿ آمريڪا ۾ وري مايا تھذيب اسري عروج تي پھتي. تھذيبن جي حوالي سان اھو اوائلي دليل آھي. پوءِ سنڌو تھذيب جو شروعاتي ھئڻ جا دليل بہ اچڻ لڳا. تھذيبن جي معالعي مان پتو پوي ٿو تہ انھن جو ٻين تھذيبي مرڪزن سان واپار ۽ تعلقات رھيا آھن. سميرين تھذيب جي مليل ثابتين مان اھو ڏس ملي ٿو تہ انھن جو وڻج واپار ۽ رابطو ان وقت جي تھذيبن جي مرڪزن سان رھندو ھو.

عام طور چيو وڃي ٿو تہ تھذيبون امن جي معاشري ۾ اسرن ٿيون، جنھن ۾ انسان سڪون سان ترقي ڏانھن ڌيان ڏئي ٿو. جڏھن انسان پريشاني ۾ ھوندو تہ نہ ڪا ايجاد ڪري سگھندو، نہ وري معاشري ۾ جدت آڻڻ لاءِ پنھنجون صلاحيتون استعمال ڪري سگھندو. ان حوالي سان موھن جي دڙي جو مثال ڏنو وڃي ٿو تہ اتان ڪو ھٿيار ڪونہ مليو آھي. جنھن مان اھو مطلب ڪڍيو وڃي ٿو تہ اھا پر امن سوسائٽي ھئي. ان جو تسلسل چئجي يا ھن مٽي جي ڪا اثر جو ھتان جي پوءِ واري آبادي بہ ڪنھن تي حملي آور ڪونہ ٿي.

جيستائين ھٿيارن جو تعلق آھي، تنھن جي ھر دور ۾ پنھنجي پنھنجي   شڪل پئي رھي آھي. انسان گھر ۽ جھنگ جھر ۾ جھنگلي جانورن، سُرندڙ ساھ وارن مان ڪنھن خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪو نہ ڪو ھٿيار رکندو رھيو آھي، ڀلي اھا ڪاٺي جي لٺ ڇو نہ ھجي. محمد بن قاسم جي لشڪر لاءِ چيو وڃي ٿو تہ انھن سنڌ تي حملي وقت قلعن جي ڀتين کي ٽوڙڻ لاءِ منجنيقون استعمال ڪيون ھيون، جنھن ۾ پٿر کي اڇلائي ھنيو ويندو ھو.  جيڪڏھن ھاڻي اھو پراڻو پٿر پيل بہ ملي تہ ان کي ھٿيار ڪير چوندو. ڇاڪاڻ تہ اسان جي ذھن ۾ ھٿيار جو مطلب، نيزو، تير ڪمان، تلوار، بارود، ڪا توپ يا ڪو ٻيو حملي ۾ استعمال جو ھٿيار ٿي سگھي ٿو. اسان ننڍپڻ ۾ ڏٺو تہ چور چوري دوارن ڪاٺي جو نوڪدار ٽڪرو کڻندا ھئا، جنھن کي ڇاپڙ چوندا ھئا. ڀاڳئي جي جاڳڻ ۽ مزاحمت جي صورت ۾ اھو پري کان اڇلائي ھنيو ويندو ھو، جنھن جي نوڪ ماڻھو کي زخمي ڪري وجھندي ھئي. تنھن ڪاٺي جي ٽڪري کي ھاڻي ۽ مستقبل ۾ ڪير ھٿيار مڃيندو!

موھن جي دڙي بابت جيڪا راءِ جڙي آھي، تنھن ۾ ھٿيار نہ ملڻ، ناچڻي جي مورتي ۽ گريٽ باٿ جو ملڻ، جيڪو ان معاشري جي روشن خيال ھجڻ جي ثابتي چيو وڃي ٿو. گريٽ باٿ فقط بادشاھ جي استعمال لاءِ ھو يا اھو عوامي استعمال لاءِ ھو؟ ڪن محققن جو اھو بہ رايو آھي تہ ھن شھر ۾  پورھيتن جو پاڙو جدا ھو، جنھن جو اندازو اتان مليل اوزارن مان ٿئي ٿو. ڪن محققن جو اھو بہ رايو آھي تہ پرامن رھندڙ تھذيبون بيٺل پاڻي جيان آھن. ان حوالي سان ھندستان ۽ چين جي ھونگ يا پيلي ماٿري جي معاشرن جو  مثال آھي، جتي جا معاشرا ساڪت ٿي ويا ھئا. جيتوڻيڪ اھي زراعت ۽ ٻين ايجادن ۾ اڳڀرا ھئا پر ٻين ڏانھن جارحيت نہ ھئڻ سبب پنھنجي ئي جھان تائين محدود رھيا. ٻئي طرف منگول جارحيت جي حد ڪندي بہ سندن نسلن جي ھندستان ۾ ھڪ قسم جي مھذب حڪمراني ۽ درٻار جي آدابن جي ڳالھ ڪئي وڃي ٿي، جن جي دربار جي آداب لاءِ  با ادب با “ملاحظه ھوشيار” جھڙي مھذب پروٽوڪول جي تصور سان ياد ڪيو وڃي ٿو. اھا راءِ حقيقي آھي يا درباري ليکڪن يا حڪومت جي ساٿارين طرفان مشھوري، تنھن لاءِ يقين سان نٿو چئي سگھجي.

اسان جي خطي  ۾ آريا اچي اڻ آرين تي حاوي ٿيا. عام تصور اھو آھي تہ اڻ آريا پوتئي پيل ھئا، تن جي ڀيٽ ۾ آريا وڌيڪ سڌريل ھئا پر ھنن ھتي اچي ھڪ خدا مان ڪيئي خدائن جو تصور ڏنو. ان سان گڏ انسانن جي درجا بندي ڪري ھڪڙن کي مٿي تہ ٻين کي ڪم ذات قرار ڏنو ويو. ڪم ذات وارن کي جانورن کان گھٽ حيثيت ڏني ويئي. ان کان اڻ آريا ڀلا ھئا، جيڪي ھڪجھڙائي جو رويو تہ رکندا ھئا. هڪ خيال اهو به آھي تہ تھذيبون جارحيت ۽ لڙاين سان وڌيڪ اسريون آھن. جيڪڏھن يوناني تھذيب جي تعريف ٿئي ٿي تہ اتان جو سڪندر اعظم ملڪن جون سرحدون لتاڙيندو رھيو. اڄڪلھ جي مغربي تھذيب جا دعويدار دنيا جي حصن تي حاوي ٿي اتان ڦريندا لٽيندا رھيا. ان دولت جي زور تي وڌيڪ ايجادون ڪري وڌيڪ مضبوط ٿيا. سندن ٻوليون دنيا ۾ روشناس ٿيون. انگريزي ٻولي جيڪا اڄڪلھ اسان جي ضرورت آھي، سا ڏاڍ سان ئي اسان مٿان مڙھي وئي ھئي. روسي ٻولي کي سينٽرل ايشين رياستن مٿان ڏاڍ ذريعي مڙھيو ويو ھو. عربي زبان جي دائرو وسيع ٿيڻ جو سبب بہ عربن جي اھا جارحيت ھئي، جنھن ۾ ھو مصر سميت آفريڪا جي اترين ملڪن ۾ قابض ٿي ويا ھئا. اسان جيڪا اڄ عربي جي ڄاڻ رکون ٿا، سا بہ عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ جي حوالي سان آھي.

ليکڪ چارلس مورس جو اھو خيال بہ پنھنجي جاءِ تي آھي تہ تھذيبن جي واڌ ويجھ لاءِ اتان جي ماڻھن جو جارح ٿي ٻين تي ڪاھون ڪرڻ ۾ آھي. ان سان ھو ٻين علائقن جي قدرن، وسيلن ۽ ترقي سان گڏجي وسيع پيماني تي ھڪ ٻئي جي ترقي ۽ ڏاھپ مان فائدو وٺندا. ان سان جدت پئدا ٿيندي رھي آھي ۽ ترقي جو ڦيٿو اڳتي ڦرندو. چارلس ڊارون برطانوي  فطرت پرست ۽ ماھر حياتيات، جنھن تحقيق جي روشني ۾ جيڪو پنھنجو خيال ييش ڪيو، تنھن ۾ ھن چيو تہ جاندار نسل  وقت سان تبديل ٿي نئين ساخت بڻبا آھن. سن 1859 ۾ ڇپيل سندس ڪتاب  The Origin of Species ۾ اھي تفصيل لکيل آھن.

ماڻھن جي مذھبي ۽ روايتي سوچ موجب ھو انسان  کي آدم عه ۽ حوا جو اولاد مڃين ٿا. ڊارون جي مٿين  خيال جي سامھون اچڻ تي جتي عام ماڻھون ان تي غور ڪرڻ تي متوجھ ٿيو، اتي عيسايت پنھنجي فڪر ۾ لڳي. جيڪڏھن ڊارون جي ٿيوري کي عام مڃتا ملي ھا تہ پوءِ اھو ويساھ تہ انسان آدم عه ۽ حوا جو اولاد آھي، تنھن جي مڃتا گھٽجي ھا. ان سان مذھب خاص ڪري مغرب ۾ عيسايت جي ڪمزور ٿيڻ جا پڪا امڪان ھئا. ان ڪري انسان جي اوائلي دور کان ھجڻ جو ثابتيون ڊارون جي ٿيوري کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ضروري ھيون. ان ڪري آثار قديمه تي وڌيڪ ۽ گھري تحقيق جي گھرج وڌي.

تھذيبن  جا آثارن کي ڏسي ۽ انھن بابت ڄاڻي  اسان کي ان وقت جي ترقي بابت معلوم ٿئي ٿو، جنھن سان اسان جو حوصلو وڌي ٿو. ڪٿي ان شاندار ماضي تي  فخر ڪريون ٿا، ڪٿي ان کي پنھنجو ورثو قرار ڏيون ٿا. ڪٿي ان عظمت ۾ پنھنجون ڪمزوريون لڪايون ٿا. ڪٿي اڳتي لاءِ ان کي ترقي جو بنياد بڻايون ٿا. پنھنجي شاندار ماضي تي فخر انسان ۽ ڪنھن قوم لاءِ بجا آھي پر اھو بہ ڏسڻ گھرجي تہ ھو ان نسل جو تسلسل آھي يا ان ورثي جو مجاور آھي.

ماضي جي چند بنيادي تھذيبن جي اسرڻ جا ڪارڻ تہ گھڻو ڪري ساڳيا ئي آھن پر انھن جي زوال جا ڪھڙا سبب آھن. روم ۽ مايا تھذيبن جي  آثارن مان پتو پوي ٿو تہ ڪنھن تھذيب جي زوال جا پنج ڪارڻ آھن. جن ۾ آدمشماري جو وڌڻ، ڪن موتمار بيمارين جو پکڙجڻ، ناڪام رياست ۾ ڦڏي فساد جو وڌڻ، واپاري رستن جي بند ٿيڻ سان روزگار جا وسيلا محدود ٿيڻ سبب قحط جھڙي صورتحال ۽ موسمي تبديليون شامل آھن. ان مان اھو نتيجو نڪري ٿو تہ تھذيبن جي تباھي ۾ قدرتي ماحول ۽ پنھنجي اندر جا مسئلا ئي مکيہ عنصر رھيا آھن.

[email protected]