توهين ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

0
258
توهين ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا
توهين ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

اليڪشن ڪميشن توهين واري ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ 5 رڪني ڪميشن فواد چوڌري خلاف توهين واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

 فواد چوڌري جي معاون وڪيل ٻڌڻيءَ جي التوا جي درخواست ڪئي، وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ مان ان معاملي تي هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو اچڻ وارو آهي، عدالتي فيصلو اچڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي

 اليڪشن ڪميشن وڪيل جي درخواست رد ڪندي فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڪيس جي ٻڌڻي 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي