توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ غلطيون ڪيون آهن: چيف جسٽس عمر عطا بنديال

0
181
توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ غلطيون ڪيون آهن: چيف جسٽس عمر عطا بنديال
توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ غلطيون ڪيون آهن: چيف جسٽس عمر عطا بنديال

چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا آهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ غلطيون ڪيون آهن، غلطين باوجود اڄ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ مداخلت نه ڪنداسين، سڀاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪجهه نه ٿيو ته پوءِ سپريم ڪورٽ منجهند هڪ وڳي فيصلو ڪندي

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اهڙا ريمارڪس توشه خانه ڪيس بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي دوران ڏنا آهن

سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي توشه خانه بابت ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کي چيو ته توهان جذباتي ٿيڻ بدران قانون مطابق دليل ڏيو، بادي النظر ۾ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ غلطيون آهن

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ اڃا به فورمز موجود آهن

چيف جسٽس چيو ته ڇا توهان اهو پيا چئو ته اسان پي ٽي آءِ چيئرمين کي بري ڪيون، توهان جي طرز عمل مان ته ائين پيو لڳي

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن ڪو جوابدار پاڻ گواهه پيش نه ٿو ڪري ته عدالت گواهن کي طلب ڪري سگهي ٿي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي گواهه پيش ڪرڻ لاءِ وقت نه ڏنو ويو

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ٽرائل ڪورٽ چيو ته گواهه اڻ واڳيل آهن، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ هڪ ئي ڏينهن ۾ فيصلو ڏنو جيڪو درست نه هو، سڀاڻي هاءِ ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو، ٻئي ڏينهن اسان ڪيس ٻڌنداسين

 عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

هن کي به پڙهندا

چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو