توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ٿيندي يا نه؟ فيصلو ڪجهه دير ۾ اچڻ وارو

0
104
پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اڊياله جيل ۾ سائفر ڪيس جي پهرين ٻڌڻي، وڪيلن جي اعتراض تي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي
پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اڊياله جيل ۾ سائفر ڪيس جي پهرين ٻڌڻي، وڪيلن جي اعتراض تي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي

اسلام آباد: توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ٿيندي يا نه؟ فيصلو ڪجهه دير ۾ ٻڌايو ويندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو

 ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو هو ته عدالت رياست کي نوٽيس جاري ڪرڻ بنا ڪو به فيصلو نه ڪري، فوجداري ڪيس ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر کي نوٽيس ڪرڻ ضروري آهي

 چيف جسٽس عامر فاورق ريمارڪس ڏيندي چيو هو ته رياست نه، پر اليڪشن ڪميشن شڪايت ڪئي هئي، توهان اها ڳالهه ٽرائل ڪورٽ ۾ ته نه ڪئي، وڪيل امجد پرويز چيو ته هي اڳوڻي وزيراعظم خلاف ڪرپٽ پريڪٽس جو ڪيس آهي

هي به پڙهندا

عمران خان جي فرمائش تي جيل ۾ ڪهڙا کاڌا تيار ٿين ٿا؟