سنڌ حڪومت جو ڪمال، سنڌ فوڊ اٿارٽي ۾ قانون جي ابتڙ مقرريون

0
199
توانائي کاتي جو ڊپلومه

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران فوڊ سيفٽي لاءِ قائم ڪيل سنڌ فوڊ اٿارٽي ۾ قانون جي ابتڙ مقرريون جو انڪشاف سامهون آيو آهي،  توانائي کاتي جي اليڪٽريڪل ۾ ڊپلومه هولڊر ڪاموري کي سنڌ فوڊ اٿارٽي ۾ ويجيلنس جو انچارج مقرر ڪيو ويو آهي. غلام رسول هنڱورو کي فوڊ  کاتي جي اختيارين سنڌ فوڊ اٿارٽي جي صوبائي سطح جي اهم پوسٽ تي ويهاري ڇڏيو

ڪاموري جي مقرري وارو ڳجهو رکيل نوٽيفڪيشن منظر تي اچي ويو.  سائوٿ ضلعي ۾ مقرر ڊپٽي ڊائريڪٽر شاھ زيب شيخ تي مختلف الزام لڳڻ بعد به نوازش جاري، شاھ زيب شيخ کي لڳل الزامن بعد هٽائڻ بجاءِ سينٽرل ضلعي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو! سنڌ حڪومت پاران 2018 ۾ قائم ڪيل سنڌ فوڊ اٿارٽي جا اڃا تائين ريڪيورمينٽ رولز به نه ٺهيا. فوڊ سيفٽي لاءِ قائم ڪيل اداري ۾ ٿيندڙ بيضابطگين جو سنڌ حڪومت نوٽيس ئي نه ورتو