تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾ بدامني خلاف شھرين ۽ بکراڻي برادري پاران وين ٽرمينل تي احتجاج ڪندي ٽائرساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،بلوچستان طرف ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون،شھرين سياسي سماجي ڌرين پاران  چوري، ڦر ۽ ڌاڙي جي وارداتن خلاف مولانا شاھمور، نصير احمد، نادر علي، ميرو، ظفرالله ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته بدامني سبب عام ماڻھو توڙي شھري گھرن ۾ به محفوظ ناھن، پوليس ڏوھارين اڳيان بيوس بڻيل آھي 10 کان وڌيڪ ھٿياربندن جا ٽولا روڊن تي اچي ڦرلٽ ڪن ٿا،پوليس مداخلت سبب ڪو ڪارائتو ڪاروائي نه ٿي ڪري سگھي، شھر توڙي روڊ رستا ڏوھارين حوالي آھن، ھنن چيو ته ھٿياربندن ڪاھ ڪري دڪاندار ميرو بکراڻي ۽ نادر بکراڻي کان 50 ھزار روڪ رقم،دونالي بندوق،موبائيل فون ۽ لکين روپين جو قيمتي سامان ڦر ڪيو، ھنن گھر ڪئي ته امن جي بگڙيل صورتحال تي ضابطو آڻي عام شھرين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.