تنگواڻي(ن پ ا)تنگواڻي جي ڀٽائي ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾ مومن رند کي حاجاڻو پوليس چوڪي وٽان هٿياربندن پاران يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، روڪ رقم ڦر ڪرڻ واري واقعي خلاف مين ريلوي ڦاٽڪ بند ڪري يار محمّد رند، عبدالوحيد رند، احمّد نواز ۽ سوالي رند جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڦر، اغوا وارداتون معمول بڻيل آهن، پوليس چوڪي سڏ پنڌ تي هجڻ باوجود پوليس بروقت ڪاروائي نه ڪئي، شهرين جو تحفظ ڪيو وڃي، پوليس 2 ڏينهن جي مهلت وٺي 6 ڪلاڪن بعد روڊ کولرايو.