تنگواڻي جي عدالت سپڪو ملازمن کي انوکي سزا ڏئي ڇڏي

0
397
تنگواڻي جي عدالت سپڪو ملازمن کي انوکي سزا ڏئي ڇڏي
تنگواڻي جي عدالت سپڪو ملازمن کي انوکي سزا ڏئي ڇڏي

تنگواڻي(ن پ ا) تنگواڻي جي عدالت سپڪو جي 4 ملازمن کي انوکي سزا ڏئي ڇڏي.

تنگواڻي جي سول ڪورٽ جي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ منور علي پيرزادو جي عدالت ۾ 3 مهينا اڳ ڳوٺ جمعو بکراڻي ۾ ڳوٺاڻي اڪرم گجراڻي جون 2 عدد مينهون بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ ۾ مري وڃڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .

فرياد ۽ جوابدارن جي وڪيلن جا بيان ٻڌڻ بعد سول جج سيپڪو جي ايس ڊي او خالد باجڪاڻي، ايل ايس اشرف بجاراڻي، لائين مين طارق ملڪ ۽ فاروق نوناري کي 2 سال تائين 5 وقت نماز پڙهڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

صرف ايترو ئي نه جوابدارن کي 40 نم جون چڪيون پوکڻ، هر مهيني 10 حديثون ياد ڪرڻ، هر جمعي تي ايس ڊي او خالد باجڪاڻي سيپڪو 2 جي مسجد جي صفائي  به ڪندو ۽ هر مهيني تي ڪورٽ ۾ سزا يافته عملدار پنهنجي رپورٽ به پيش ڪندا.

سزائن تي عمل نه ڪرڻ تي کين وڌيڪ سزا به ملي سگهي ٿي.