تماش گاهه … نتيجا ڏيندڙ ڪارروائي ضروري آهي

0
190
تماش گاهه ... نتيجا ڏيندڙ ڪارروائي ضروري آهي

 پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان ۾ نئين ڳالهه ڪهڙي آهي؟ ان ۾ اضافو ٿيندي ٿيندي ته قوم موجوده بحران جو شڪار ٿي وئي آهي. وسيلن کان محروم ماڻهو پوين پساهن ۾ آهن. اٽي جو بحران ۽ ذخيره اندوزي، کنڊ جو بحران ۽ ان جي ذخيره اندوزي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي، بجليءَ جي چوري، پوءِ آءِ ايم ايف جو مقرر ڪيل اگهه، ڊالر جو ذخيرو ۽ اسمگلنگ، کنڊ جي اسمگلنگ، ايران کان پيٽرول جي اسمگلنگ، اٽي جي اسمگلنگ وغيره وغيره. انهن سڀني شين قوم جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. اهو سڀ ڪجهه پئسا ٺاهڻ جي لاءِ آهي ۽ ماڻهن ان مان پئسو ٺاهيو آهي. ملڪ ۾ ڪارو ڌن ڳولهيون ته اهو مٽيءَ ۾ ملندو، سون ۾ به ملندو، ٽجوڙين ۾ به ملندو. حڪومتون انهن سمورين خباثتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. تحريڪ انصاف جي حڪومت، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي سميت 13 سياسي جماعتن جي سياسي اتحاد پي ڊي ايم جي حڪومت ڪابه نتيجا ڏيندڙ ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. هاڻي نگران حڪومت آهي، جنهن جي آئيني ذميواري ملڪ ۾ عام چونڊون پرامن نموني منعقد ڪرائڻ آهي. اها به خباثتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ جو يقين به ڏياري رهي آهي ۽ ڪري به رهي آهي، جنهن جو نتيجو برآمد ٿيندي نظر ان ڪري به نٿو اچي ته اهي خباثتون ۽ بيماريون اوچتو ئي اوچتو پيدا ناهن ٿيون ۽ نه ئي انهن جو خاتمو هڪدم ٿي سگهندو.

پاڪستاني سماج ۾ جيڪي بيماريون آهن، اهي دائمي بيماريون آهن. قائداعظم محمد علي جناح ته 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ پنهنجي پهرين تقرير ۾ انهن بيمارين جو ذڪر ڪيو هو ۽ تلقين ڪئي هئي ته انهن بيمارين کي هتي (هندستان ۾) ڇڏي پاڪستان وڃجو ۽ پاڻ سان گڏ کڻي نه وڃجو. اڄ اسان نتيجو ڏسي رهيا آهيون ته پاڪستان قائداعظم جي تلقين تي ڌيان نه ڏنو، ان ڪري موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو.

فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير صنعتڪارن ۽ واپاري اڳواڻن سان هڪ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ انتظاميا ذخيره اندوزي ۽ چورين خلاف اهڙيءَ ريت سرگرم ٿي وئي آهي، جيئن اها کن پل ۾ سمورين برائين جو خاتمو ڪري ڇڏيندي، فوج جي پٽ سن (سِڻي) جي اسمگلنگ خلاف پهرين ڪارروائي آپريشن ڪلوز ڊور کان وٺي اڄ تائين هر ڪارروائي مان وقتي يا ڪجهه هفتن جو نتيجو نڪتو آهي، ان کانپوءِ اهي وري ساڳي واٽ تي. انتظاميا هجي يا پوليس، انهن خباثتن ۽ خرابين جي خاتمي لاءِ آخر سرگرم ڇو نٿي رهي؟

نگران حڪومت جي سربراهه وزيراعظم جو فرمان آهي ته، “ٿي سگهي ٿو ته اسان ٽيڪس جي باري ۾ ڪجهه سخت فيصلا ڪريون. ٻه ٽي طبقا آهن، جيڪي ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻ خلاف مزاحمت ڪري رهيا آهن ته ٿي سگهي ٿو ته ٽيڪس جي باري ۾ ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻا پون. ملڪ ۾ 90 سيڪڙو ماڻهو ٽيڪس ۾ ئي حصو نٿا ملائين. ڪوشش آهي ته ٽيڪس نيٽ 20-22 سيڪڙي تائين وڌي وڃي. ٽيڪس چوري روڪڻي آهي ۽ ٽيڪس نيٽ به وڌائڻو آهي، ٽيڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ فوج جي نه پر ٽيڪنالاجيءَ جي ضرورت آهي. ٽيڪس جي باري ۾ پلان موجود آهي، جلد ان تي ڪم شروع ڪري رهيا آهيون. نگران وزيراعظم اهو پڻ چيو ته معاشي ميدان ۾ ڪجهه فيصلن جا اختيار ڏنا ويا آهن، اختيار ان ڪري ڏنا ويا آهن جو اهي مشڪل فيصلا ڪري سگهجن، جيڪي شايد سياسي جماعت مستقبل ۾ نه ڪري سگهي. مشڪل فيصلن جو فائدو عوام کي ٿيندو. جيڪا جماعت مستقبل ۾ حڪومت ٺاهيندي، اها هن مدي جي فيصلن کي جاري رکي سگهندي.

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اسان چاهيون ٿا ته اسان جو رخ صحيح ٿي وڃي ۽ جيڪا چونڊيل حڪومت اچي، اها ملڪ کي اڳتي وٺي هلي. ميثاق معيشت هڪ وڻندڙ ۽ سٺو نعرو آهي. ميثاق جمهوريت سياسي جماعتن کي ڪرڻو آهي. مون کي خوشي ٿيندي ته جيڪڏهن سياسي جماعتن جي وچ ۾ ميثاق جمهوريت ٿئي ٿو. ميثاق جمهوريت لاءِ سياسي جماعتون ڪم شروع ڪن، اسان جون دعائون ساڻن گڏ هونديون.

بهرحال اها نگران وزيراعظم جي خوشفهمي آهي. هن ملڪ ۾ ڪابه حڪومت رخ ٺيڪ نه ڪري سگهي آهي. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته پاڪستان ۾ سمورو ڪم، ڪارروائيون ۽ قدم مصلحتن ۽ سمجهوتن کي نظر ۾ رکي ڪيا ويندا آهن. جن سماج ۾ مصلحتن ۽ سمجهوتن کي قانون تي مٿڀرائي ۽ ترجيح ڏني ويندي آهي، انهن ملڪن کي پاڪستان جهڙي ڏکي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هتي وڏا وڏا پهلوان ميدان ۾ سندرا ڪشي آيا هئا پر ٽيڪس ادا نه ڪرڻ جو جن ماڻهن پڪو پهه ڪيو آهي، انهن کين ڀڄائي ڇڏيو. پهرين ڳالهه ته جن ماڻهن کي ٽيڪس ڏيڻ گهرجي، اهي رضامنديءَ سان ٽيڪس ڪڏهن به ڪونه ڏيندا. ٻي ڳالهه اها ته جن عملدارن جي ذميواري ٽيڪس وصول ڪرڻ آهي، اهي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ بدران پئسو ٺاهڻ ۾ مصروف رهندا آهن. انهن سمورين خباثتن جي جڙ رشوت آهي ۽ پاڪستان جا سرڪاري کاتا ان کان محفوظ نه آهن. ڪنهن به خباثت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته ان جي بنياد ۾ رشوت جو عنصر ملندو. جڏهن اهو عنصر هوندو ته خرابي پنهنجي جاءِ تي برقرار رهندي، پوءِ ڀلي ڊالر جي ذخيره اندوزي هجي يا پاڙيسري ملڪ کان منتقلي، ايراني تيل جي ملڪ ۾ اسمگلنگ ۽ کلي عام وڪرو. پاڪستان ۾ حڪومتن جي هڪ ٻي وڏي خرابي اها آهي ته هتي قدمن، پاليسين ۽ منصوبابندين جو تسلسل قائم نٿو رکيو وڃي، جنهن جي ڪري ڪڏهن به جنهن جو ڪو بهتر نتيجو سامهون ناهي آيو، البته وڏي رقم ضرور پاڻيءَ وانگر وهي وئي آهي. ڪنهن به حاڪم کي ڏک ان ڪري نه ٿيو جو پئسا انهن جا نه هئا. پئسو ته آءِ ايم ايف کان قرض طور ورتو ويو هو، جنهن جي واپس پاڪستان جي ذميواري آهي.

عام ماڻهن کي تسلي ڏيڻ لاءِ اهڙي قسم جون خبرون ڏنيون وينديون آهن: “ڊالر جي ذخيره اندوزي خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ فيصلائتي ويڙهه لاءِ تياريون، لسٽون تيار ٿي ويون…. ايف آءِ اي، حساس ادارن ۽ اسٽيٽ بينڪ ڊالر جي ذخيره اندوزي خلاف گرينڊ آپريشن لاءِ سندرا ڪشي ورتا. ڊالر جي ذخيره اندوزي ڪندڙ ڪمپنين ۽ ماڻهن جي نشاندهي ٿي وئي آهي… ايف آءِ اي ۽ حساس ادارن ايڪسچينج ڪمپنين جي ٻن سالن جي ڊيٽا حاصل ڪري ورتي، غير معمولي تعداد ۾ ڊالر وٺندڙن جي فهرست تيار ڪري ورتي… ايف آءِ اي ۽ حساس ادارن بينڪن کان لاڪر مالڪن ۽ سامان جا تفصيل به گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. ايف آءِ اي ۽ اسٽيٽ بينڪ کي اهي اطلاع مليا آهن ته ڊالر وڏي تعداد ۾ بينڪ لاڪرز ۾ ذخيرو ٿيل آهن…. ايف آءِ اي وارا ڊالرز رڪوري آپريشنز ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري بينڪ لاڪرز کي اسڪين ڪري سگهندا….. ايف آءِ اي ۽ حساس ادارن کي ڊالر ذخيره اندوزي خلاف ڪريڪ ڊائون سبب ڊالر جي قدر ۾ وڏي حد تائين ڪمي جو يقين جو آهي”.