تماش گاهه … ايم ڪيو ايم جا ارب پتي اڳواڻ

0
190
تماش گاهه ... ايم ڪيو ايم جا ارب پتي اڳواڻ

 ڪراچي ۾ اها خبر عام آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان، پاڪ سر زمين پارٽي، ڊاڪٽر فاروق ستار، مهاجر قومي موومينٽ ۽ ٻين اردو ٻولي ڳالهائيندڙ وکريل سياستدانن ۽ عنصرن کي هڪ پليٽفارم تي جمع ڪرڻ ۾ ڪجهه عنصر سرگرمي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. انهن عنصرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن انهن سڀني ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي جمع نه ڪيو ويو ته ڪراچي جو ووٽ عمران خان ڏانهن هليو ويندو ۽ انهن جا نامزد ڪيل اميدوار چونڊجي ويندا. اهي 2018ع جي چونڊن جو مثال ڏيندا آهن پر ڇا سنڌ جا اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ ۾ دلچسپي جو مظاهرو ڪندا؟ 2022ع ۾ ٿيل ننڍين چونڊن جا نتيجا ماڻهن جي ايم ڪيو ايم کان عدم دلچسپي جي رجحان جو پتو ڏين ٿا. ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جي شڪست بعد ايم ڪيو ايم اڳواڻن انفرادي ۽ اجتماعي طور تي سينا زني ڪئي هوندي. پنهنجو پنهنجو مٿو ڌوڻيو هوندو. ايم ڪيو ايم جي سياسي اڳواڻن جي هڪ فهرست سوشل ميڊيا تي گشت ڪري رهي آهي، ان کي ڏسڻ بعد يقين ٿي ويو آهي ته اردو ڳالهائيندڙ ووٽر انهن ارب پتي اڳواڻن کي ته ووٽ ڏيڻ ۾ دلچسپي جو مظاهرو نه ڪندا، جيڪو اهي ماضي ۾ ڪندا آيا هئا. پوءِ ايم ڪيو ايم ۾ انهن نام نهاد سياسي “اڳواڻن” جا لغام ۽ واڳون ڇڪڻ وارو ڪوئي به ناهي رهيو. انهن کي ڪيترو به گڏ ڪيو وڃي، ڪيترو ئي مشغول رکيو وڃي پر اهي ماڻهو ڪاميابيءَ جو امڪاني نتيجو نه ڏئي سگهندا.

ايم ڪيو ايم جي ارب پتي اڳواڻن جي فهرست اهو ياد ڏياريو ته ايوب خان جي دور ۾ ان وقت جي معاشي ماهر ڊاڪٽر محبوب الحق سرمائي جي وسيلن جي حوالي سان هڪ اصطلاح 22 متعارف ڪرايو هو. هي اهي خاندان هئا جن وٽ پاڪستان جي دولت موجود هئي. انهن سمورن ماڻهن ۾ سرمائيدار ۽ صنعتڪار شامل هئا. انهن صنعتن ۾ سرمائيڪاري ڪئي هئي. انهيءَ پروپيگنڊه کي ذهن ۾ رکي ڀٽو صنعتن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو هو. اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ وائرل آهي. ان جو عنوان آهي “25 ارب پتي” خاندان. وري هڪ فهرست ڏني وئي آهي. ان فهرست ۾ انهن ماڻهن جا نالا آهن، جيڪي ايم ڪيو ايم جي مختلف دورن ۾ وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽر رهي چڪا آهن يا ڪجهه اڃا تائين آهن. فهرست تي نظر وڌي وڃي ته جن ماڻهن جا نالا ان فهرست ۾ موجود آهن، انهن جو خانداني پس منظر ڄاڻيندڙ خوب ڄاڻين ٿا ته اهي ماڻهو ۽ انهن جا خاندان سياست کان اڳ ڪهڙي حيثيت رکندا هئا.

 “25 ارب پتي خاندان” جي عنوان سان جيڪا فهرست وائرل آهي، ان ۾ چيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم سراسري طبقي جي مهاجرن کي حق ڏيارڻ جو نعرو لڳائيندڙ مهاجر اڳواڻ جن وٽ پائڻ لاءِ چپل ۽ ڪپڙا ۽ رهڻ لاءِ جوڳا گهر نه هئا اڄ اهي ارب پتي کرب پتي بڻجي چڪا آهن، محلن ۾ رهندا آهن ۽ آمريڪا، دبئي، برطانيه، ڪئناڊا، آسٽريليا، يورپ ۽ ٻين اولهه ملڪن جي شهريت رکندا آهن. مڊل ڪلاس جو نعرو لڳائيندڙ ايم ڪيو ايم جي 25 ارب پتي خاندانن جي فهرست ۾ جن ماڻهن جا نالا ڏنا ويا آهن، انهن مان اڃا تائين ته ڪنهن به ترديد ناهي ڪئي ته اهو ارب پتي ناهي. پنهنجي کرب پتي هئڻ جي وضاحت به ناهي ڏني وئي. پاڪستان ۾ اڪثر ماڻهو سياست ڪرڻ بدران ان کي ڪاروبار لاءِ استعمال ڪندا آهن. ڪهڙو ٺيڪو هوندو جنهن ۾ سياستدانن جو حصو نه هجي، ڪهڙو ڪاغذ آهي، جنهن کي سيڪريٽريٽ ۾ کڻي وڃڻ ۽ ٻاهر آڻڻ جي “ذميداري” سياست ڪندڙ ماڻهو ئي انجام نه ڏيندا هجن.

ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل سياست ڪندڙ عنصرن کي خاص طور معلوم هئڻ گهرجي ته هن دور ۾ اردو ڳالهائيندڙ اڪابرن تحريڪ پاڪستان ۾ پنهنجو ذاتي پئسو خرچ ڪيو. جلسا، جلوس، دعوتون سڀني جو انتظام، انهن ئي ماڻهن جي پئسي سان ٿيندو هو. هڪ مشهور نالو آهي راجا صاحب محمود آباد، راجا صاحب جي والد جي هندستان ۾ رياست محمود آباد هئي، راجا صاحب جو نالو محمد امير احمد خان هو. هن 1937ع ۾ مسلم ليگ جي چونڊن ۾ ناڪامي بعد لکنئو ۾ ليگ جي ميٽنگ گهرائي ته هڪ جلسي تي 30 لک رپين جي وڏي رقم ان دور ۾ خرچ ڪئي وئي، جڏهن پئسي جو قدر هو. ايم ڪيو ايم جي سياست ڪندڙن کي ڪهڙي خبر ته 1937ع ۾ 30 لک رپيا ڪيتري وڏي رقم هئي؟ راجا صاحب حڪومت پاڪستان ۾ ڪو عهدو، ڪا مراعت، ڪا سهولت ۽ ڪا ملڪيت حاصل نه ڪئي، جڏهن ته قائداعظم محمد علي جناح سان سندس ذاتي لاڳاپا هئا.

فهرست ڏسڻ لاءِ ملي ته ذهن ۾ خيال آيو ته پنهنجي پاڪستاني سياستدانن کي گذارش ڪئي وڃي ته اهي ڀارت جي رياست اولهه بنگال جي ٽيون ڀيرو وزيراعليٰ ٿيندڙ عورت جي باري ۾ ضرور پڙهي وٺن ته جيئن انهن کي معلوم ٿي سگهي ته سياست ۾ عوام جي دلين تي راڄ ڪيئن ڪيو ويندو آهي. ممتا بينرجي ٽيون ڀيرو اولهه بنگال جي وزيراعليٰ بڻجي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. هوءَ ڀارت جي تاريخ ۾ 15 سال لڳاتار وزيراعليٰ رهندڙ پهرين سياستدان آهي. ممتا جي انڊيا جي طاقتور ترين ۽ دنيا جي سئو بااثر ترين عورتن ۾ به شامل آهي ۽ هوءَ ڀارت جي واحد سياستدان به آهي، جيڪا سياستدان سان گڏوگڏ گيت نگار، موسيقار، اديب ۽ مصوره پڻ آهي. هوءَ ڪيترن ڪتابن جي ليکڪه، سوين گيتن جي شاعره ۽ ڪيترين ئي بيسٽ سيلر پينٽنگز جي مصوره به آهي ۽ هوءَ هندوستان جي پهرين سياستدان به آهي، جنهن سادگي ۽ غريباڻي طرز رهائش جي ذريعي ڪميونسٽ پارٽي کي شڪست ڏئي ڇڏي. هوءَ بنگال ۾ ديدي سڏرائيندي آهي ۽ دنيا ۾ ڪامياب سياست جي تمام وڏي ڪيس اسٽڊي آهي. پاڪستاني سياستدانن جي لاءِ به ڪيس اسٽڊي آهي ۽ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل ماڻهن کي ضرور پڙهڻ گهرجي.

“ممتا” ڪاليج پهتي ته اسلامي تاريخ سان متعارف ٿي ۽ آهستي آهستي اسلامي تعليمات ۾ لهندي وئي. هوءَ اڪثر پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندي هئي. حجاز جهڙي جاهل معاشري ۾ هڪ شخص (پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم) انقلاب ڪيئن برپا ڪيو؟ ممتا چوندي آهي ته جڏهن هن جواب ڳولڻ شروع ڪيو ته خبر پئي ته سادگي ۽ عاجزي نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم ۽ سندس ساٿين جو سڀ کان وڏو هٿيار هئي. ماڻهو مال متاع، عيش آرام ۽ ڏيک ويک کان مٿانهان هئا ۽ ڪردار جون اهي خوبيون انسانن ۽ ليڊرز ٻنهي کي عظيم بڻائي ڇڏينديون آهن. ممتا بينرجي اهو فارمولا چيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن سادگي کي پنهنجو هٿيار ۽ زيور بڻائي ورتو ۽ پوءِ ڪمال ٿي ويو. ڇهه ڀيرا اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي آئي. ممتا بينرجي 1998ع ۾ پنهنجي سياسي جماعت آل انڊيا ترينمول ڪانگريس بڻائي هئي. هي جماعت هر چونڊن ۾ پهرين کان وڌيڪ سيٽون کٽي رهي آهي. ممتا جي کان پهرين اولهه بنگال ۾ ڪميونسٽ پارٽي 34 سال حڪمران رهي. ملڪ جي وڏي کان وڏي سياسي جماعت به ڪميونسٽ پارٽي جو مقابلو نه ڪري سگهي. پر هي آئي ۽ ان کي ناڪ آئوٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ 2021ع جي چونڊن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو هڪ به اميدوار اسيمبلي نه پهچي سگهيو. هوءَ مسلمانن ۽ عورتن ٻنهي ۾ تمام گهڻي مشهور آهي. بنگال جا 30 سيڪڙو ووٽرز مسلمان آهن. اهي سڀ ان کي ووٽ ڏيندا آهن. ڇو؟ ڇو جو اها مسلمانن جو احترام ڪندي آهي.

اسان هاڻي ان سوال طرف ٿا اچون. ممتا بينرجي اهو ڪمال ڪيو ڪيئن؟ ان جي پٺيان سندس سادگي ۽ عاجزي آهي. عاجزي ۽ سادگي ايترا وڏا هٿيار آهن، جو ان کي جيڪڏهن هڪ برهمڻ عورت به اپنائي ڇڏي ته اها حڪومت جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ماڻهو حيرت سان وات کولي ان غريب عورت کي ڏسڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن. اڄ جڏهن سادگي ۽ عاجزي کي پاڪستاني سياستدانن هڪ پاسي رکي ڇڏيو آهي پر انهن جي خواهش هوندي آهي ته اهي ئي اقتدار ۾ رهن. پنهنجي اقتدار ۾ رهڻ لاءِ اهي ماڻهو هر جائز ۽ ناجائز طريقي سان پئسو ڪمائڻ ۽ بڻائڻ جي مشين بڻيل آهن پر ڪيستائين؟ پنهنجو ۽ قوم جو وقت ضايع ڪري رهيا آهن. راجا صاحب محمود آباد ۽ ممتا بينرجي فڪر ڪرڻ ۽ سوچڻ جي دعوت ڏين ٿا.