تلھار ويجھو جوابدار پنھنجي نوجوان زال کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

0
181

تلھار (ن پ ا) تلهار ڀرسان ڳوٺ نم درس ۾ جوابدار نوجوان زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جوابار علي محمد هاليپوٽو ننڊ پيل گهرواري مهڪ عرف تانيا کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو

ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب ناري کي ڪارنهن جي تهمت مڙهي قتل ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ ڪيس داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، جوابدار جي ڳولا جاري آھي.