تعليمي ادارن اندر آپگهات يا قتل؟ 

0
148
سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاري آبادڪاري، شهيد اسحاق ۽ ايمن سعيد جو خون

ٻار بنيادي طور تي ٻن جڳهن تان سکندو آھي ھڪ والدين جي گود ۽ ٻيو  درسگاھ مان. گذريل ٽن سالن ۾ سنڌ جي درسگاھن مان مستقبل جي فيصلن ۽ خدمت ڪندڙن شاگردن جا لاش مليا آھن جنهن جو تعلق ڊاڪٽري شعبي سان آھي. ننڍپڻ کان وٺي ٻارھين درجي تائين ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ بنيادي طور تي انتها درجي جي محنت ڪرڻي پوي ٿي جنهن کانپوءِ وڃي انٽري ٽيسٽ جي ھڪ پراسيس (Process) مان گذري مستقبل لاءِ ڊاڪٽر ٿيڻو ٿو پوي. ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ننڍپڻ کان وٺي ٻارھين درجي تائين لڳاتار ڏينهن رات جي جستجو، ڪشالا، محنتن ۽ تنهن کانپوءِ وري ڊاڪٽري جا چار سال پڙھڻ کانپوءِ چوٿين يا آخري سال ۾ ھڪ پڙھيل لکيل شاگرد خودڪشي ڇو ٿو ڪري؟.

سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ پڙھندڙ نياڻي نائلا رند جنهن خودڪشي ڪري زندگي جو آنت آڻي ڇڏيو ھو جنهن  لاءِ سنڌ سراپا احتجاج رھي پر آخر ڏينهن گذرندي گذرندي اھو واقعو ايئن دفنائجي ويو ڄڻ ٿيو ئي نه ھو ان جي ڪا حتمي رپورٽ سامهون نه آندي وئي ته ھن سبب جي ڪري ھيءُ واقعو پيش آيو آھي. جنهن کانپوءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو مان ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جو ڦاھو کاڌل لاش ملي ٿو. نمرتا ڊاڪٽر ھئڻ سان گڏوگڏ سوشل اڪٽيوسٽ (Social Activist) پڻ ھئي، جيڪو ماڻهو ٻين جي لاءِ جيئي اھو ماڻهو پنهنجي زندگي جو آنت ايترو آساني سان ڪيئن آڻي ٿو ڇڏي جيڪا ڳالھه ان وقت به سمجھه کان ٻاھر ھئي. ڊاڪٽر نمرتا جي رپورٽ به ايئن لئي مٽي ڪري ڍڪي وئي ھئي. جنهن کانپوءِ وري غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر ۾ پڙھندڙ شاگرد ڊاڪٽر طارق شاھاڻي جيڪو پڻ آخري سال ۾ پڙھي رھيو هو

ان جو به ڦاھو کاڌل لاش مليو ۽  ڪا حتمي رپورٽ سامهون نه آندي وئي ھئي.  تازو 24 نومبر 2021ع تي ضلعي دادو سان تعلق رکندڙ نوشين شاھه جو پڻ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي مان ڦاھو کاڌل لاش مليو آھي ۽ اڃان تائين ڪابه حتمي رپورٽ سامهون ناھي اچي سگهي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اھڙا دردناڪ واقعا ٿي رھيا آھن ان جي باوجود به يونيورسٽيز انتظاميا ڪي به سنجيده قدم کڻڻ لاءِ تيار ناھي، تعليمي ادارا ٻارن جي فيسن تي ھلي رھيا آھن ۽ يونيورسٽيز ۾ موجود ليڪچرار ۽ پروفيسر  ۽انتظامي آفيسر ماهوار لکين رپيا پگهارون کڻي رھيا آھن پر ڪابه حڪمت عملي نظر نه اچي رھي آھي بس اڄ واقعو ٿيو ٻن يا ٽن انهن استادن کي انتظاميه اڳيان ڪري ڇڏي ٿي جيڪي زبان جا تيز آھن اھي تيز زبان استعمال ڪري بس ماحول کي ٿڌو ڪري ڇڏين ٿا بعد ۾ ڪجهھ ڏينهن گذرڻ باوجود ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي نه ھو. دنيا جديد ٽيڪنالاجي (Modeen Technology) ذريعي آسمان تي وڃي پهتي آھي پر سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اندر اڃان تائين اھڙي ڪابه پراپر (Proper) جڳھه ناھي جنهن کي کڻي “شڪايت آفيس يا سيل” چيو وڃي جتي شاگرد يا شاگردياڻي پنهنجو مسئلو آساني سان ٻڌائي يا رکي سگهي.

سنڌ جي يونيورسٽيز ۾ آپگهات جا واقعا اڪثر رپورٽ ٿين پيا پر اڄ ڏينهن تائين سيڪيورٽي ادارا اھو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا آھن ته اھي واقعا واقعي ئي آپگهات جا آھن يا قتل آھن. ھتي اڪثر قتل پٺيان طاقتور ڌرين جا ھٿ ملوث ھوندا آھن انڪري اھي قتل ڪيس آپگهاتن ۾ مٽجي ويندا آھن ۽ ھميشه ھميشه جي لاءِ فائيلن ۾ دفن ٿي ويندا آھن. . انهي جي لاءِ سيڪيورٽي ادارن کي گهرجي ته نوشين شاھ واقعي جي  آزاداڻي جاچ ڪري حقيقتون آڏو آنديون وڃنجيئن اڳتي ٿيندڙ اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ مستقبل ۾ ڊاڪٽر نوشين شاھه، ڊاڪٽر نمرتا، نائلا رند جهڙيون نياڻيون ڊاڪٽرياڻيون ۽ ڊاڪٽر طارق شاھاڻي ايئن ننڌڻڪيون/ننڌڻڪا ٿي ڪري فائيلن ۾ دفن نه ٿين.