ترقيءَ لاءِ تعليم- تعليم لاءِ ترقي

0
290
ترقيءَ لاءِ تعليم- تعليم لاءِ ترقي

 ملڪ جي ٽئين پنج سالا منصوبي (1965 – 1970) ۾، هڪ اهم سيڙپڪاري جي طور تي، تعليم کي، قوم جي معاشي ترقي جي هڪ وڏي وک (عزم) جي طور تي کڻندي ملڪ ۾ تعليمي منصوبابندي (ترقي) جي لاءِ ڪجهه مقصد طئي ڪيا ويا هئا، جن مان ڪجهه هي آهن: هڪ اهڙو تعليمي ماحول تيار ڪجي، جيڪو اسان جي موجوده تعليمي نظام کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ داخل ڪرڻ (منتقل ڪرڻ) جي لاءِ سهولت فراهم ڪري. سياسي، سماجي ۽ معاشي ترقي کي فروغ ڏئي، ۽ ملڪ ۾ روحاني ۽ ثقافتي ورثي جي، همعصر (زماني) سان هم آهنگي پيدا ڪري؛ ملڪ جي نوجوانن کي سندن انفرادي صلاحيتن جي آڌار ۽ ڪردار سازي جي ترقي جي لاءِ مناسب موقعا فراهم ڪري؛ تعليم جي معيار کي هر سطح تي مٿي آڻي ته جيئن اهو معيار قومي تعميري ڪم کي صحيح طريقي سان انجام ڏئي سگهي.

                 تعليم تي قومن جي ثقافتي، (اسان جي ملڪ ۾ نظرياتي) سرحدن  جي حفاظت، سان گڏ، نظم و ضبط، ۽ مضبوط بنيادن تي قومي ڪردار جي تعمير جي سڀ کان وڏي ذميداري رکيل هوندي آهي، هي به هڪ عالمگير حقيقت آهي ته، “تعليم کانسواءِ ڪابه قوم انساني ۽ سياسي، سماجي ترقي جون اهي منزلون طئي نٿي ڪري سگهي، جيڪي هن کي هڪ عظيم قوم جي ڍانچي ۽ سانچي ۾ منتقل ڪن ٿيون.

ننڍي کنڊ جي عظيم ۽ دور انديش سياستدان، ڏاهي ۽ هندستان جي پهرين تعليمي وزير مولانا ابو الڪلام آزاد (11 نومبر 1888ع- 22 فيبروري 1958ع) عوامي ۽ ملڪي ترقي ۾، تعليم جي ڪردار، افاديت ۽ اهميت کي سمجهندي، آمريڪا ۾،1861ع ۾، قائم ٿيندڙ جديد ٽيڪنالاجي جي اداري مساچوسٽس انسٽي ٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (ايم آءِ ٽي) جي طرز تي، 1951ع ۾، هندستان جي پهرين جديد تعليمي اداري “انڊين انسٽي ٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (آءِ آءِ ٽي) جو بنياد رکيو. مولانا آزاد تعليم کي هر شهري جو فطرتي حق سمجهندو هو. هڪ ڀيري هن فرمايو ته, “اسان کي ڪنهن به وقت تي هن ڳالهه کي وسارڻ نه گهرجي ته، بنيادي تعليم هر ٻار جو پيدائشي حق آهي, ڇاڪاڻ جو، تعليم جي وکر کانسواءِ بطور هڪ شهري جي، هو پنهنجين ذميدارين کي احسن طريقي سان نڀائي ڪونه سگهندو.” مولانا آزاد جي ئي قيادت ۾، 1953ع ۾، پوري انڊيا ۾ يونيورسٽين ۽ اعلى تعليمي ادارن جو ڄار وڇائڻ جي لاءِ “يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن” جو پايو وڌو ويو. آءِ آءِ ٽي جي باري ۾ هن وڌيڪ چيو ته، “هن ڳالهه ۾ شڪ نه هجڻ گهرجي ته، هي ادارو (هڪ ڏينهن) ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق جي ميدان ۾ سنگِ ميل ثابت ٿيندو.” مولانا آزاد جي دور انديشي کي مان ڏيڻو پوندو، جو انڊيا تعليم ۽ تحقيق جي ئي مدد سان اڄ چنڊ تي پير رکي چڪو آهي. اسان به تعليم جي مدد سان هڪ باخبر قيادت، هڪ ذميدار شهري، ۽ تربيت يافتا افرادي قوت بڻجي پنهنجي ملڪ جي لاءِ نيڪ نامي ڪمائي سگهون ٿا. تعليم کي ترقي ڏيارڻ سان ئي اسان ترقي کي تعليم جي لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ پٺتي پيل معاشري مان جند آجي ڪري سگهون ٿا، جيڪو پراڻن طور طريقن، روايتن، مدي خارج رسمن سان اڄ به چهٽيل آهي؛ هي چهٽيل معاشرو سدائين تبديلي، جيڪا اسان کي نون علمن ۽ نين مهارتن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ متحرڪ ڪري ٿي، ان جي خلاف مزاحمت ڪري ٿو. هي هڪ مڃيل حقيقت آهي. اسان کي جيڪڏهن پنهنجي ڪاميابين جي مدد سان پنهنجي دائمي تڪليفن کي ڌڪ هڻڻو آهي ته، پنهنجي ڌرتي ۽ ملڪ کي گهربل سماجي ۽ معاشي هدفن کي ساڻ کڻي حصول جي طرف تيز وکن سان گڏ اڳتي وڌڻو پوندو، هن خيال سان ته زندگي جي سڀني شعبن ۾، ماڻهن کي تعليم يافتا ڪرڻ، ۽ تربيت ڏيڻ تمام گهڻو ضروري آهي.

تعليم ۽ پيشيوارڻي تربيت ڪنهن به قوم جي معاشي ڪوششن ۾ اهم سيڙپون (اِن پٽس) هونديون آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي دستياب وسيع انساني وسيلن کي مناسب نموني سان استعمال ۾ نه آندو ته اسان جو معاشي ترقي وارو خواب ۽ ان ۾ تيزي آڻڻ وارو ڪم اڌ ۾ ئي رهجي ويندو ۽ اسان جو مستقبل جيڪو اڳ ۾ ئي اڻ چٽو آهي، ويتر اونداهو ٿي ويندو. اسان جون تقريباً سڀئي تعليمي پاليسيون هن مقصد کي چٽو ڪري لکن ته ٿيون پر انهن پاليسين جي پئراميٽرز تي عمل ڇو ڪونه ٿو ٿئي، اهوئي ملينز ڊالرز جو سوال آهي، جنهن جو جواب اسان جون سڀ حڪومتون چڱي طرح سان ڄاڻن ٿيون پر “ڪڇان ته ڪافر” بڻجڻ کان ڪيٻائين ٿيون. پاليسيون هي به ٻڌائين ٿيون ته تعليم جو بنيادي مقصد، هڪ طرف ته عالمي سطح تي، پڙهيل لکيل ۽ پيداواري معاشري جي خيال کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعليم کي عام ڪرڻ آهي ته ٻئي طرف وري اعلى تربيت يافتا فردن جي شڪل ۾ اجرتي مارڪيٽ (ليبر مارڪيٽ) کي مسلسل افرادي قوت جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ به آهي ۽ ان سان گڏ قومي سرگرمين جي مختلف شعبن ۾ هڪ قابل ۽ تخليقي قيادت کي فراهم ڪرڻ به آهي.

افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان وٽ ڪمن جي پرک علمي بنيادن تي نه پر هڪ “ڪروڌ ۽ نفرت” کي ذهن ۾ رکي ڪئي وڃي ٿي يا وري پاڻ کي عقلِ ڪل سمجهي هر ان چڱي ڪم کي لت هنئي وڃي ٿي، جيڪو ڪم گذريل حڪومتن پاران ڪيو ويو آهي. هن روش سان ملڪ ۽ قوم جو حال اسان سڀني جي سامهون آهي. هي حقيقت آهي ته شعور سدائين تعليم سان ئي ممڪن آهي، جو امر جليل جهڙي سنڌ جي يگاني ڏاهي کي به هي چوڻو پيو ته، “جڏهن هندستان تي مغل يا ٻيا مسلمان قابض هئا ته ان جو سبب لاشعوري هئي. جڏهن انگريزن پير رکيو ۽ انهن پاران تعليمي ادارا کوليا ويا ته ماڻهن ۾ شعور آيو ۽ عوام انگريزن جي خلاف اٿي کڙو ٿيو”. تعليم بابت ترقي ۽ ترقي بابت تعليم تي اسان جي تعليمي پاليسين جو ڇا حال آهي، اچو ته ڪجهه ان تي به ڳالهه ٻولهه ڪريون.

1970ع جي تعليمي پاليسي جي لاءِ، حڪومت پنهنجي، شروعاتي عالمگير تعليم يعني يونيورسل پرائمري/ ايليمينٽري ايجوڪيشن واري مقصد جي تجديد کي سامهون رکندي 1952ع (وقتي آئين) ۽ 1962ع (ايوبي آئين) جي آئين ۾ بيان ڪيل رياست جي بنيادي پاليسي اصولن جي تحت تعليم کي بنيادي انساني حقن جي طور تي تسليم ڪيو ويو. ڇاڪاڻ جو 1960ع ۾ “ڪراچي پلان” ۾، جيڪو يونيسڪو پاران ٿيندڙ تعليمي بيٺڪ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو هو، ۽ جنهن کي گهڻا ماڻهو ملڪ ۾ تعليمي اڳڀرائي جي لاءِ هڪ بنيادي وک سمجهن ٿا، هي تجويز ڪيو ويو هو ته ملڪ ۾ 1980ع تائين؛ لازمي عالمگير، ۽ مفت شروعاتي تعليم واري هدف کي حاصل ڪرڻو آهي. پر اسان ان هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين. ان وقت به ملڪ ۾ ناخواندگي جي سطح سڄي دنيا جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ تمام گهٽ هئي.

هن نئين تعليمي پاليسي کي به جنرل يحيى خان جي 28 نومبر، 1969ع واري خطاب جي روشني ۾ تيار ڪيو ويو هو. هن پاليسي جا خاص نقطا هي هئا: پاڪستان جي نظرياتي اساس جي پرچار ڪرڻ؛ سائنس ۽ هنري تعليم تي گهڻو زور ڏيڻ؛ تعليمي نظام جي انتظامي امورن جي هيٺين سطح تائين ورڇ ڪرڻ؛ ناخواندگي جو خاتمو آڻڻ ۽ قومي تعليمي اڪاين جي جوڙجڪ ڪرڻ. هن پاليسي جو حشر به ساڳيو ئي ٿيو. انڊيا سان جنگ سبب يحييٰ خان جي هي پاليسي به پنهنجي گذريل تعليمي پاليسي تجويز بابت “نئين تعليمي پاليسي 1969ع” وانگي سرڪاري ڪٻٽن ۾ سدائين جي لاءِ بند ٿي وئي. حد ته هي آهي ته ملڪ ۾ جنگ ۽ بنگال جو بنگلاديش بڻجڻ کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي انتشار جو ماحول هو پر پوءِ به هڪ سال اندر ٻه تعليمي پاليسيون آڻي پاڻ کي عقلِ ڪل سمجهڻ وارو اسان جو هي سربراهه به ڪونه مڙيو. حالتن ۾ جيئن جيئن ماٺار آئي، ۽ جنرل صاحب کانپوءِ، 1972ع ۾، ان وقت جي پاڪستان جي چوٿين صدر جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي قيادت ۾ جيڪا نئين حڪومت وجود ۾ آندي وئي، ان به پنهنجي تعليمي پاليسي آندي، جنهن کي “ايجوڪيشن پاليسي -1972ع” جو نالو ڏنو ويو. هن پاليسي جا خاص گڻ ڪجهه هن طرح هئا: پاڪستاني قوميت ۽ نظريي جي پرچار ۽ ان جو تحفظ ڪرڻ؛ عالمگير شروعاتي تعليم جي هدف کي حاصل ڪرڻ؛ شخصيت جو نکار ۽ ان جي جوڙجڪ ڪرڻ؛ قومي درس ۽ تدريس (نصاب) کي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي ضرورتن کي سامهون رکي تيار ڪرڻ؛ ۽ اپنائڻ؛ تعليمي ڪار وهنوار ۾ ٻارن، استادن سان گڏ مائٽن کي به اعتماد ۾ وٺڻ؛ سائنس ۽ ٽيڪنيڪل تعليم کي عام ڪرڻ؛ تعليمي ادارن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ؛ پهرين کان ڏهين درجي تائين مفت تعليم کي يقيني بڻائڻ. هي رهبر اصول تيار ڪرڻ ته پهرين ڏاڪي (1972ع) طور ڪلاس اٺين تائين ۽ ٻئي ڏاڪي طور (1974ع) ڪلاس ڏهين تائين سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ جا پابند هوندا.

گهڻن ماڻهن پاران ڀُٽي صاحب جي پاليسي کي پراڻين پاليسين جي ڀيٽ ۾ بهتر سمجهيو ويو. هن پاليسي جي نتيجي ۾ تعليمي بهتري لاءِ ملڪ ۾ڪافي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جو ڄار وڇايو ويو پر ڪجهه اهڙيون شيون به هن پاليسي جو حصو هيون، جن تي عمل ڪرڻ مشڪل به هو. جهڙوڪ: خانگي ادارن کي نه صرف مفت تعليم ڏيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ پر، انهن جي خانگي حيثيت کي به ختم ڪرڻ وغيره ۽ بنيادي عالمگير تعليم، جنهن جو گهڻو واسطو ان وقت زرعي سماج سان هو، اهو زرعي سماج پاڪستان ۾ ان وقت اڻلڀ هو. شايد اهوئي سبب هو جو ڀُٽي صاحب هارين ۾ زمينون به ورهايون هيون. 1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق پاران ملڪ ۾ ٽئين مارشل لا لڳائي وئي، ۽ اهڙي طرح هن پاليسي کي به ان ئي ڪٻٽ جي زينت بڻايو ويو، جنهن ۾ پاڪستان جون سڀ تعليمي پاليسيون بند ڪري رکيون ويون آهن. سو “ترقيءَ لاءِ تعليم- تعليم لاءِ ترقي” وارو اسان جو خواب اڄ به پنڌ ۾ آهي.