تحريڪ عدم اعتماد کانپوءِ عمران خان وزيراعظم نه رهندو: مراد علي شاهه

0
198
تحريڪ عدم اعتماد کانپوءِ عمران خان وزيراعظم نه رهندو: مراد علي شاهه
تحريڪ عدم اعتماد کانپوءِ عمران خان وزيراعظم نه رهندو: مراد علي شاهه

ڀان سيد آباد (ن پ ا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي لانگ مارچ ۾ سڄي ملڪ مان ماڻهن شرڪت ڪئي، لانگ مارچ ۾ گلگت بلتستان کان ڪشمير تائين هر صوبي جا ماڻهو شريڪ هئا، عوام عمران خان خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

جهنگارا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته قومي اسيمبلي جا ميمبرز عوام جا چونڊيل آهن، قومي اسيمبلي جا ميمبر بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي عوام جو آواز ٻڌڻو پوندو، تحريڪ عدم اعتماد کانپوءِ عمران خان وزيراعظم نه رهندو

هن چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ نثار کهڙو 100 سيڪڙو ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، عمران نيازي مايوس ماڻهو آهي، ڪراچي ۾ مايوس ماڻهوءَ جي زبان ٻڌي آهي، عمران خان ڌمڪيون نه ڏيو، جيڪو ڪرڻو اٿو هاڻي ڪريو، بعد ۾ وقت نه ملندو

هن چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي لانگ مارچ ۾  فيصلو اچي ويو آهي، ڪنهن به ميمبر کي خريد نه پيو ڪيو وڃي، عوام جو رجحان سڀني ڏٺو آهي، عوامي فيصلي تحت قومي اسيبملي ممبرز ووٽ ڏيندا

 

ھي به پڙھندا

هڪ سال انتظار ڪريو،ائين نه ٿئي جو 10 سال لائين ۾ بيٺا هجون: شيخ رشيد