تحريڪ انصاف پاران وفاق ۽ پنجاب ۾ ايم ڊبليو ايم سان گڏجي حڪومتون ٺاهڻ جو فيصلو

0
85
تحريڪ انصاف پاران وفاق ۽ پنجاب ۾ ايم ڊبليو ايم سان گڏجي حڪومتون ٺاهڻ جو فيصلو
تحريڪ انصاف پاران وفاق ۽ پنجاب ۾ ايم ڊبليو ايم سان گڏجي حڪومتون ٺاهڻ جو فيصلو

تحريڪ انصاف وفاق ۽ پنجاب ۾ ايم ڊبليو ايم سان گڏجي حڪومتون ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

خيبر پختونخواهه ۾ جماعت اسلامي سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ جي ترجمان رئوف حسن جو چوڻ آهي ته پارٽي وفاق ۽ پنجاب ۾  متحده وحد المسلمين سان گڏجي حڪومتون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو

خيبر پختونخواهه ۾ جماعت اسلامي سان گڏجي حڪومت ٺاهي ويندي

پي ٽي آءِ پاران خيبر پختونخواهه ۾ علي امين گنڊاپور کي وڏو وزير نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

بئرسٽر گوهر سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات دوران پي ٽي آءِ جي باني علي امين گنڊاپور کي نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

پي ٽي آءِ اڳواڻن بئرسٽر گوهر ۽  علي ظفر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مسلم ليگ نواز، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي

حڪومت ٺاهڻ لاءِ ننڍين جماعتن سان ڳالهيون ڪيون وينديون، چونڊن ۾ پي ٽي آءِ اڪثريت سان کٽي چڪي آهي، پنجاب ۾ به جلد وڏي وزير جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو