تحريڪ انصاف بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

0
70
تحريڪ انصاف بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، پشاور هاءِ ڪورٽ جي عبوري حڪم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا  ڪئي وئي

سپريم ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ جي درخواست جي ٻڌڻي لاءِ 7 جنوري جي تاريخ مقرر، پي ٽي آءِ اڳواڻ بئرسٽر گوهر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي درخواست ٻڌڻ جوڳي ئي نه هئي

پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي پي ٽي آءِ کي بيٽ جو چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

 پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسه چيو آهي ته بيٽ جو نشان ملي يا نه ملي هي سڀ پي ٽي آءِ جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن

 راولپنڊي ۾ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسه چيو ته نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا اميدوار  پنهنجن تڪن ۾ نه ٿا وڃي سگهن

 توشه خانه معاملي تي اسان عدالت کي درخواست ڏني آهي ته رڳو پي ٽي آءِ باني جو معاملو نه ڏٺو وڃي، جنرل ضياءَ ۽ مشرف کان وٺي جن به حڪمرانن تحفا ورتا آهن انهن جا تفصيل به سامهون آندا وڃن