تا حيات نااهلي، سپريم ڪورٽ بار پاران وري اپيل داخل

0
159
وفاقي سرڪار پاران چونڊون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تا حيات نا اهلي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ بار رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف وري اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

اپيل ۾ چيو ويو آهي ته آئيني نقطن جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾اپيل داخل ڪئي وئي، درخواست تي اٿاريل اعتراض بي بنياد آهن

اپيل ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 62 ون ايف جي لاڳو ٿيڻ سان تاحيات نااهلي ٿي وڃي ٿي، سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ ناهي، سپريم ڪورٽ جا پنهنجا فيصلا آهن ته آرٽيڪل 62 ون ايف جي  لاءِ ڪورٽ آف لا جو ڊڪليئريشن  هجڻ گهرجي

اپيل ۾ چيو ويو آهي ته اعتراض ختم ڪري آئيني درخواست کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وڃي