ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ۾ پيل چوماسي جي برساتن سبب ايشيا جي وڏي قبرستان جي نالي سان سڃاتي ويندڙ مڪلي جي سموري جابلو ٽڪري جي سائي چادر اوڍڻ سبب انتهائي خوبصورت ۽ دلڪش ڏيک ڏيڻ لڳي آهي . ٺٽي ۾ چوماسي جي جاري برساتن سبب هڪ پاسي ضلعي جي مختلف شهرن جي هيٺائين وارن علائقن ۾ بيٺل پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري اڪثريتي شهري وسندين ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو آهي ته ٻئي پاسي چوماسي جي هلندڙ برساتن جي وسڪاري سبب ٺٽي جي مختلف جابلو علائقن ايشيا جي وڏي قبرستان طور مشهوري ماڻيندڙ مڪلي ٽڪري ، جنگشاهي ، ڪارو جبل ، براد آباد ، ساڏور ، پيرپٺو سميت ٺٽي جي اڪثريتي جبلن ۾ برساتن جي وسڪاري سان سمورن جبلن تي ساهي گاھ سبب ساوڪ ئي ساوڪ جو نظارو آهي جڏهن ته مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ پڻ وڏي انگ ۾ سائي گاھ جي نڪرڻ ڪري سموري مڪلي ٽڪري تي موجود تاريخي قبرستان توڙي آثار ۽ رانڪون ۽ چبوترا جبل تي ساوڪ سبب انتهائي دلڪش ڏيک ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته مڪلي جي ٽڪري تي خوبصورت ساوڪ جي هجڻ ڪري پڻ وڏي پئماني تي ٺٽي جي شهرين سميت مختلف شهرن جي سياحن جي آمد ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي ۽ وڏي انگ ۾ سياح اچي مڪلي جي سائي چادر اوڍيل ٽڪري جي تاريخي ماڳن ۽ مقبرن تي پهچي پنهنجا فوٽا ڪڍرائي پنهنجي تصويرن کي پڻ يادگار طور محفوظ بڻائي رهيا آهن.