پيارو اسٽيشن (ن پ ا) سول جج جو تاريخي ماڳ لوهم جي دڙو تي رهائش جو نوٽييس وٺندي رهواسين کان رهائشي دستاويز طلب ڪري ورتا آهن. ان ڏس سول جج دادو محمد اشرف ڏهراج پيارو اسٽيشن ڀرسان تاريخي ماڳ لوهم جو دڙو جو دورو ڪيو، ان موقعي تي سول جج چيو ته لوهم جو دڙو تي قبضو ڪيو ويو آهي، پنهنجي سڃاڻپ کي ميسارڻ نہ ڏينداسين، لوهم جو دڙو جو تاريخي حيثيت وڏي آهي، دڙي تي شهر اڏڻ غير قانوني آهي، هنن چيو ته ڪنهن به تاريخي ماڳ تي قبضو برداشت نه ڪيو ويندو، جنهن جا به گهر آهن اهي پنهنجا ڪاغذ اڄ پيش ڪن.