بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جا ڍير لڳي ويا، علائقي واسين پاران صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ دودو شيدي، حاڪم شيدي ،ڄام شيدي، ماجد شيدي ،خان مري ،فاروق خاصخيلي ،نجيب پٺاڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته انتظاميا جي لاپرواهي سبب شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، گٽرن جو پاڻي روڊن تي بهيجي ويو آهي، نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي وڃي….