سکر: خورشيد شاهه جي آزادي لاءِ لڳايل بک هڙتالي سکر واسين لاءِ ڪلاڪن تائين ناقص حڪمت عمليءَ سبب پريشانيءَ جو سبب بڻجي وئي. پوليس پ پ جي بک هڙالي ڪئمپ سبب مختلف روڊ رستا رڪاوٽون رکي بند ڪري ڇڏيا. مينارا روڊ ميونسپل اسٽيڊيم ۽ لڪس پارڪ روڊ وٽان عوام لاء بند ڪيو ويو. پريس ڪلب روڊ لڪس پارڪ کان بند ڪيو ويو، جنهن سبب پريس ڪلب ۽ مينارا روڊ تي قائم سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ عملي کي گهر وڃڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو، مينارا روڊ، پريس ڪلب جي آس پاس جي رهواسي عورتون توڙي مرد شهري به پريشان رهيا. پريس ڪلب سامهون نجي اسڪول انتظاميا بک هڙتال سبب اسڪول جي موڪل ڪري ڇڏي. جڏهن ته سرڪاري اسڪول پاران ٻارڙن جي جلد موڪل ڪئي وئي. ساڳي طرح کليل اسڪول يا ڪاليج جي خاص ڪري شاگردياڻين واپسي وقت پريشانين کي منهن ڏنو.