بي اعتمادي رٿ رد: چيف جسٽس ساٿي ججن کي مشاورت لاءِ طلب ڪري ورتو

0
154
حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: چيف جسٽس
حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي اپوزيشن جي بي اعتمادي واري رٿ رد ڪرڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ آئيني صورتحال تي مشاورت لاءِ ساٿي ججن کي طلب ڪري ورتو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ساٿي ججن کي مشاورت لاءِ طلب ڪري ورتو آهي

ذريعن موجب چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ آچر جي موڪل سبب ساٿي ججن کي پنهنجي گهر تي مشاورت لاءِ طلب ڪيو آهي

ياد رهي ته متحده مخالف ڌر حڪومت ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪندي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو هو

ھي به پڙھندا

صدر عارف علوي وزيراعظم جي تجويز تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي