بي اعتمادي جي رٿ ۽ سياسي منظر نامو

0
93
ايٽمي-اثاثن-جي-غير-محفوظ-ھئڻ-تي-آمريڪي-ڳ

 عمران خان حڪومت جي خاتمي لاءِ مخالف ڌر جي جماعتن م پيدا ٿيل اتحاد کانپوءِ ملڪ ۾ ھڪ بحث شروع ٿي ويو آهي ته مسلم ليگ ن ، پيپلزپارٽي  ۽  جي يو آئي ف  جي قيادت ايترو پر اميد آھن ته ھو عمران خان  ۽ پنجاب ۾ عثمان بوزدار جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ کي ڪامياب ڪري وفاق ۽ پنجاب ۾ تبديلي آڻي سگھندا. حالانڪه ھي سٽون لکڻ تائين حڪومت جي اتحادي پارٽين ق ليگ، ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي توڙي باپ ۽ آزاد ميمبرن ڪوبه واضح اعلان ناهي ڪيو ته ھو وفاق توڙي پنجاب ۾ پي ٽي آئي حڪومت سان  اتحاد ختم ڪري مخالف ڌر جي بي اعتمادي جي رٿ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن،

جڏهن ته پي ٽي آئي جي اندر جھانگير ترين گروپ به واضح نظر ناھي آيو پر سياسي جوڙ توڙ جو ماھر“ ايڪ زرداري سب پي ڀاري” آصف زرداري، شھباز شريف توڙي مولانا فضل الرحمان مڪمل طور تي نه صرف پر اميد آھن بلڪه مستقبل جي سيٽ اپ جو نقشو تيار ڪري ڇڏيو اٿن ته وفاق۾ نواز ليگ ۽ پنجاب ۾ چوڌري پرويز الاهي کي حڪومت جي ذميواري ڏني ويندي، جنھن کانپوءِ چونڊ اصلاحات آڻي بعد ۾ چونڊون ڪرايون وينديون، پر ڏسڻو اهو آهي ته اھا تبديلي ايتري آساني سان اچي ويندي۽ عمران خان خاموشي سان گھر ھليو ويندو؟ جنهن جو جواب نه ۾ اچي ٿو ته عمران خان جنھن پاڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته ھو روڊن تي نڪري آيو ته مخالف ڌر جي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو يعني نه پاڻ حڪومت ڪندو ۽ نه  وري مخالف ڌر کي آساني سان حڪومت ڪرڻ ڏيندو .

مخالف ڌر جي بي اعتمادي جي رٿ کي سامھون رکجي ته اھو مخالف ڌر جو قانوني آئيني حق جمھوري طريقي سان استعمال ڪري سگھن ٿا پر ان حوالي سان ڪجهه اھي به اطلاع آھن ته عمران خان پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ آخري حد تائين ويندو، جنهن م ھو اسپيڪر کي مخالف ڌر جي درخواست تي فوري طور تي اجلاس نه گھرائڻ لاءِ دٻاءُ وجھندو جڏهن ته اسپيڪر اسد قيصر پھرين ئي 22 مارچ تي او آءِ سي ڪانفرنس کي بھانو بڻائيندي قومي اسيمبلي جو ھال سي ڊي اي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ته ان جي تياري جو ڪم ھلندڙ آھي. ليڪن اسپيڪر جو اھو بھانو ھلي نه سگھندو جو قانوني ماھرن جو چوڻ آهي ته بي اعتمادي جي رٿ اچڻ جي صورت ۾ اسپيڪر ايوان بالا سينيٽ جي ايوان کي وقتي طور تي استعمال ڪري سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن  اھو ھال ننڍو آھي ته پوءِ ڪنوينشن سينٽر کي استعمال ڪري سگھي ٿو ۽ ان ۾ به ڪو بھانو بڻايو وڃي ٿو ته پوءِ اسپيڪر رود تي به اجلاس گھرائي سگھي ٿو.

ان حوالي سان  وٽس ڪيئي آپشن موجود آهن ان جي باوجود به اسپيڪر اجلاس نٽو گھرائي ته اھو معاملو صدر عارف علوي وٽ ويندو ۽ اھو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته صدر به آئيني حق استعمال ڪرڻ بجاءِ عمران خان کي بچائڻ جي لاءِ ھر بھانو ڪري سگهي ٿو. اھڙي صورت ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ سخت اختلاف پيدا ٿي سگھن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ ٽئين ڌر اسٽيبلشمينٽ يا وري سپريم ڪورٽ  مداخلت ڪري سگھي ٿي، جيئن ماضي ۾ 1993ع ۾ نواز شريف ۽ ان وقت جي صدر اسحاق خان ۾ اختلاف پيدا ٿيا. نوازشريف جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو ۽ سپريم ڪورٽ کيس بحال ڪيو، ليڪن اختلاف ايترا زور وٺي ويا جو نواز شريف ڊڪٽيشن نه وٺڻ جو اعلان ڪيو پر طاقتور اسٽيبلشمينٽ ملڪ اندر وڌندڙ سياسي ڪشيدگي کي ختم ڪندي ان وقت جي صدر اسحاق خان ۽ نواز شريف کان استعيفا ورتي هئي. ان جي لاءِ ماضي ۾ نواز شريف کانسواءِ ڪنهن به حڪمران محمد خان جوڻيجو ، محترمه بينظير ڀٽو. ظفرالله جمالي سميت  اسٽيبلشمينٽ جي آڏو مزاحمت نه ڪئي. 1996ع ۾ بينظير ڀٽو کي 6نومبر جي رات جو جڏھن خبر پئي ته فاروق لغاري 58/2 بي  تحت حڪومت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته   ان فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جي لاءِ بينظير ڀٽو ان وقت جي آرمي چيف جنرل جھانگير ڪرامت کي فون ڪري چيو ته فاروق لغاري جي ڪيل فيصلي تي عمل نه ڪرايو ليڪن جنرل ڪرامت اھو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته فوج وزيراعظم ھائوس پھچي چڪي آهي. ساڳئي طرح 12آڪٽوبر99ع تي نواز شريف آرمي چيف جنرل پرويز مشرف کي ھٽايو ته فوج کيس گرفتار ڪري اقتدار مان ھٽائي ورتو.

چوڻ جو مقصد ته جڏھن به حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ سياسي ڪشيدگي شروع ٿي ته ان جي نتيجي ۾ اسٽيبلشمينٽ کي مداخلت جو موقعو ملي ويندو آهي. ھاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ھن دفعي اسٽيبلشمينٽ ڪيتري غير جانبدار رھي ٿي، جنھن جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ٿي ۽ اپوزيشن کي به ان جو پورو يقين آهي ته ھن دفعي ڪنهن به ميمبر کي فون ڪال نه ايندي نه وري ڪنهن ميمبر کي بي اعتمادي جي رٿ جي موقعي تي اجلاس م اچڻ کان روڪيو ويندو. ان لاءِ  اھو سوال ۽ بحث جو خاتمو ان وقت ختم ٿيندي نظر ايندو جڏهن باقاعده طور تي مخالف ڌر بي اعتمادي جي رٿ وزيراعظم جي خلاف اسپيڪر آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندي ۽ مخالف ڌر توڙي حڪومت جي اتحادي پارٽين جي ميمبرن کي اسلام آباد ۾ بي خوف آزاد فضائن ۾ گھمندي ڦرندي ڏٺو ويندو، جنهن کانپوءِ ان جي پڪ نظر اچي ويندي. باقي جيستائين عمران خان جي مزاحمت جو تعلق آهي ته ان مان ڪنهن به قدم  کڻڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي، جنھن ۾مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن کي بي اعتمادي جي رٿ کان پھرين گرفتار ڪرڻ، سنڌ خاص طور تي ڪراچي۾ وڌندڙ بدامني ڪرپشن جو بھانو بڻائي صدر عارف علوي کي مشورو ڏئي صوبي م ٽن يا 6 مھينن جي لاءِ گورنر راڄ لاڳو ڪري صوبائي حڪومت کي ختم ڪري سنڌ اسيمبلي کي معطل ڪري سگھي ٿو ۽ ان جا امڪان نظر به اچن ٿا.