بيٽ کسجي وڃڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ اميدوارن کي الڳ الڳ چونڊ نشان ملي ويا

0
83

بيٽ کسجي وڃڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ اميدوارن کي الڳ الڳ چونڊ نشان ملي ويا، اليڪشن ڪميشن بئرسٽر گوهر کي چونڊ نشان چينڪ ڏئي ڇڏيو

 پي ٽي آءِ جي اميدوارن مان ڪنهن کي رولر ڪوسٽر جو چونڊ نشان مليو ته ڪنهن کي اسٽيبلائيزر جو نشان مليو

 وزيرآباد مان پي ٽي آءِ اميدوار احمد چٺا پنهنجي لاءِ پيالو پسند ڪري ورتو، اين اي 150 تان زين قريشيءَ کي جوتي جو چونڊ نشان الاٽ  ٿي ويو

اين اي 151 تان مهربانو قريشي کي چمٽو چونڊ نشان مليو، اين اي 152 تان عمران شوڪت کي ٽنل الاٽ ٿيو، اين اي 132 تي ڊاڪٽر رياض لانگ کي راڪيٽ مليو

 اين اي 148 تي بئرسٽر تيمور ملڪ ۽ اين اي 149 تي ملڪ عامر ڊوگر کي گهڙيال جو نشان الاٽ، اين اي 38 جي اميدوار شاهد خٽڪ کي  باجو الاٽ ٿيو

 پي ڪي 97  جي اميدوار خورشيد خٽڪ کي پيراشوٽر ۽ پي ڪي 98 جي اميدوار سجاد بارڪوال کي چونڊ نشان ٽرانسفارمر ڏنو ويو