بوليويا جي عوام فوجي بغاوت ناڪام بڻائي ڇڏي، آرمي چيف گرفتار

0
20
بوليويا جي عوام فوجي بغاوت ناڪام بڻائي ڇڏي، آرمي چيف گرفتار
بوليويا جي عوام فوجي بغاوت ناڪام بڻائي ڇڏي، آرمي چيف گرفتار

بوليويا (م ڊ) معاشي بحران جو شڪار لاطيني آمريڪي ملڪ بوليويا ۾ فوجي بغاوت کي عوام روڊن رستن تي اچي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته صدر جي حامي فوجين آرمي چيف جنرل جوآن هوزي زونيگا کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

عالمي خابرو اداري موجب بوليويا ۾ فوج جون بڪتربند گاڏين صدارتي محل ۾ داخل ٿي قبضو ڪري ورتو، صدارتي محل جو گهيرو ڪافي وقت تائين رهيو، جنهن تي صدر لوئس آرس قوم کي ٻاهر نڪرڻ جو چيو، عوام سان گڏوگڏ صدر لوئس آرس جا حامي سيڪيورٽي فورسز ۽ فوجي به نڪري آيا، هڪ موقعي تي بغاوت ڪندڙ فوجي ۽ صدر جا حامي فوجي آمهون سامهون ٿي ويا

بغاوت جي ڪوشش جي ٽن ڪلاڪن دوران ئي صدر جي حامي فوجين برتري حاصل ڪري ورتي باغي فوجين هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. حڪومتي وزير ايڊوارڊو ڊيل ڪاسٽيلو ٻڌايو ته آرمي چيف کان علاوه هوائي فوج جو اڳوڻو نائب ايڊمرل جوآن آرنيز سلواڊور کي به حراست ۾ ورتو ويو

صدر لوئس نئين آرمي ڪمانڊر جي نالي جو اعلان ڪيو. هزارين ماڻهو بوليويا جا جهنڊا لهرائيندا قومي ترانا ڳائيندا خوشي جو اظهار ڪندي محل جي ٻاهران جمع ٿي ويا ۽ جمهوريت جي حق ۾ نعريبازي ڪئي

ٻڌايو پيو وڃي ته بغاوت جي ڪوشش ان وقت سامهون آئي جڏهن ته ملڪ جي صدر لوئس آرس ۽ ان جي اڳوڻي اتحادي ايوو مورالس وچ ۾ حڪمران پارٽي جي ڪنٽرول تي ڪيترن ئي مهينن کان ڇڪتاڻ ۽ سياسي جهيڙو هلي رهيو هو

بوليويا ۾ پيدا ٿيندڙ ان تازي صورتحال بابت وائٽ هائوس جي نيشنل سڪيورٽي ايڊوائيزر جو چوڻ آهي ته آمريڪا سڄي صورتحال جو گهرائي سان جائزو وٺي رهيا آهيون، ڌرين کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي