بهري باز جهرڪين ‘هٿان’ جهپجي ويو!

0
54
بهري باز جهرڪين ‘هٿان’ جهپجي ويو!

اڄوڪي ڏينهن تي ٻاويهه ڪروڙ عوام جي اُميدن جو ڏيئو اُجهاڻو هو. هر طرف اونداهي ڇائنجي ويئي هُئي ڇوته پِنڪيءَ جو پيءُ پنڊيءَ جي پاور فُل ماڻهن هٿان مارجي ويو هو. اُن ڏينهن لاڙڪاڻي کان وٺي لاهور تائين هر ماڻهوءَ جي اک آلي هُئي. هر ماڻهوءَ کي هن سياسي ناحق قتل تي نه رڳو افسوس هو پر ڪاوڙ به هُئي. اڄوڪي ڏينهن تي اُھو مور ماراڻو هو جنهن جي سُونهن ڏسي دُنيا سرهي ٿيندي هُئي. جنهن جي اُٿڻ، ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز جي سموري دُنيا ديواني هُئي. جنهن جي هڪڙي ساحرانه جهلڪ پَسي ستن ڏينهن جي بُکايلن جي بُک ختم ٿي ويندي هُئي ۽ اٺن پهرن جا اُڃايل هن جي اکين جي تلائن مان اُميدن جُون تڪون ڏيندا هُئا. ماڻهو هُن جي چهري مان ڍؤ ڪندا هُئا ڇو ته اُهو ماڻهن جي دلين جو ديوتا هو. هُن ڄاتو ٿي ته پورهيت عوام جي دُکن جو درمان ڪئين ڪجي؟ ڪيئن جنتا جي جِيءَ ۾ جاءِ جوڙجي؟ هُو پاڪستان جو واحد سياسي اڳواڻ هو جنهن عوام کي طاقت جو اصل سرچشمو ڪري مڃيو. هُو هارين جي حقن لاءِ لڙيو هو ته نارين سان به نياءُ ڪيائين. هُو اقليتن جي اُميدن جو سج هو ته اڪثريت جو به وڏو خيال رکندڙ عظيم اڳواڻ هو. هُن مزدور يونين بحال ڪري اُنهن جي مسئلن جو حل ڪڍيو. اڄوڪي اڀاڳي ڏينهن تي اُهو شينهن گيدي گدڙن هٿان ماراڻو هو جنهن جي گرجدار آواز تي اقوام متحده جي ايوان جُون گگن ڀيدي ديوارون ڌُڏي ۽ لُڏي وينديون هُيون. 4 اپريل 1979ع جي اڀاڳي اسر ويل اهو باز جهرڪين هٿان جهپجي ويو هو، جنهن جي اُوچين اُڏارن جو آواز ٻُڌي دُنيا دنگ رهجي ويندي هُئي. هُو عوام جي دلين جي ترجماني ڪرڻ وارو دلير رهنما هو. هُن پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي عوام کي اَٽي، لٽي ۽ اَجهي جو نه رڳو نعرو ڏنو پر اَٽو، لٽو ۽ اَجهو مهيا به ڪري ڏنو. هُو عوام جي اُهنجن کي پنهنجا اُهنج سمجهندو هو. هُن جي سياسي تاريخ جيڏي تابناڪ هُئي، ايڏي ئي ڪربناڪ به هُئي. هُن جتي جيل سَٺا، اُتي ڦاسيءَ تي جهولي ويو. هُن عوام جي مفادن تي ڪوبه سمجهوتو ڪرڻ نٿي چاهيو. هُن چاهيو ٿي ته مُنهنجو مُلڪ دُنيا ۾ اوچو ڳاٽ کڻي جيئي. هُن چاهيو ٿي ته منهنجي عوام جو عزتِ نفس ڪڏھن به مجروح نه ٿئي. هُن جو خواب هو ته اسين آئي ايم ايف کان ڪابه خيرات نه گُهرون. هُن ڪوششون ڪيون ته اسان جو مُلڪ پنهنجن پيرن تي بيهي ۽ دُنيا ۾ عزت ۽ آبرُو جي نگاھ سان ڏٺو وڃي. ان ڪري هُن ڪڏھن آڻ نه مڃي. هُن غُلاميءَ کي گار سمجهي پنهنجي آن بان ۽ شان خاطر ڦاهيءَ جي ڦَندي کي مُرڪي قبول ڪيو. هُو اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده جاويد آھي.

5 جنوري 1928ع تي ڳڙھي خُدا بخش جي گڙنگ سياستدان سر شاهنواز ڀُٽو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ راڻو هو. هُو نه رڳو برِ صغير جو بُردبار اڳواڻ هو پر سموري دنيا جو عظيم ليڊر هيو جنهن مسلم دُنيا جي اڳواڻن کي گڏ ڪري اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي مغرب جي مُنهن ۾ سَر وجهي ڇڏيا هُئا. اُن اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ 32 اسلامي مُلڪن جو سربراهه چونڊيو ويو هو. هن پاڪستان کي خوشحالي طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري وڏي جدوجهد ڪندي پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هڪڙو مثال قائم ڪري ڇڏيو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي اڻٿڪ ڪوششون ورتيون. هن ملڪ ۾ روزگار جا تمام گهڻا موقعا پيدا ڪيا. هُن پاڪستان کي دُنيا جي منڊين سان ڳنڍڻ جي لاءِ قاسم پورٽ ۽ اسٽيل مِل جھڙا ميگا پراجيڪٽ قائم ڪرايا. هُن زراعت ۾ تمام وڏو انقلاب آندو. هُن 5 مرلا جھڙيون عوام دوست اسڪيمون آڻي غريبن جي خُوب مدد ڪئي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو مُلڪ کي ھلائڻ لاءِ 1973ع جو آئين ڏنو، پنهنجن شاندار پرڏيهي پاليسين ذريعي ذوالفقار علي ڀٽو ٻاھرين ملڪن سان دوستاڻا ناتا قائم ڪيا، پاڪستان ۽ چين جي دوستيءَ جو بُنياد به شھيد ذوالفقار علي ڀٽو وڌو، قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو یونیورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا، لاس اينجلس ۾ 1947ع کان 1949ع تائين زير تعليم رهيو، هُن يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، بارڪلي مان 1950ع ۾ بي۔اي جي ڊگري ورتي ۽ يونيورسٽي آف آڪسفورڊ، برطانيا مان ايم۔اي جي ڊگري 1953ع ۾ حاصل ڪري ورتي. ساڳي سال هُن لنڪنز اِن، لنڊن مان بار ايٽ لا ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو تمام گهڻ پڙھيو ۽ گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھڪ نظريو هو جيڪو قيامت تائين عوام جي دلين ۾ زندہ جاويد رھندو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون مُلڪ ۽ قوم لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هُن مُلڪ کي ائٽمي پروگرام ڏيئي سدا لاءِ تحفظ فراهم ڪيو. اڄُ دُنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻي ڏسڻ جي جُرئت نٿي ڪري سگهي اهو سمورو ڪريڊيٽ مُلڪ جي پهرين چُونڊيل وزيراعظم ڏانهن وڃي ٿو، پر افسوس اهو آھي جو مُلڪ دُشمن عناصرن کان اهڙو هيرو برداشت نه ٿيو. اڄ جيڪڏھن ڀُٽو زنده هُجي ها ته پاڪستان دُنيا ۾ شايد سُپر پاور هُجي ها ڇو ته هُن جيڪو اسلامي بلاڪ ٺاهي جيڪي ڪوششون وريتون پئي ان حساب سان پاڪستان جي ترقي کي ڪير به روڪي نه پئي سگهيو. ڀُٽي جو اهو قدم آمريڪا جي اک ۾ ڪٽر وانگي کُٽڪي پيو هو. قائد عوام جي موت جو اصل ڪارڻ اهو به ٿي سگهي ٿو. بهرحال جيئن به هُجي مُلڪ هڪڙي عظيم ليڊر کان محروم بڻجي ويو.