بنگل مهر گهوٽڪي ضلعي چيئرمين نامزد، بابر لنڊ وائيس چيئرمين هوندو

0
329
بنگل مهر گهوٽڪي ضلعي چيئرمين نامزد، بابر لنڊ وائيس چيئرمين هوندو
بنگل مهر گهوٽڪي ضلعي چيئرمين نامزد، بابر لنڊ وائيس چيئرمين هوندو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي موجب گهوٽڪي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين لاءِ بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين لاءِ بابر خان لنڊ کي نامزد ڪيو ويو آهي

گهوٽڪي ميونسپل ڪميٽي چيئرمين لاءِ ڄام آصف رزاق ۽ وائيس چيئرمين لاءِ سکديو آسر داس هيملاڻي نامزد ڪيا ويا آهن

ميونسپل ڪميٽي ميرپور ماٿيلو لاءِ چيئرمين مير شهباز لنڊ ۽ وائيس چيئرمين لاءِ خالد مغل جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن

ڊسٽرڪٽ ڪائونسل خيرپور جي چيئرمين لاءِ شيراز شوڪت راڄپر کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وائيس چيئرمين لاءِ فهد علي شاه جيلاني جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي، ميونسپل ڪميٽي خيرپور چيئرمين لاءِ ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ منير منگي نامزد ٿيا آهن