ڪراچي (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش خلاف پھرين ٽي ٽوئنٽي لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان بنگلاديش خلاف اعلانيل 12 رڪني اسڪواڊ جي قيادت بابر اعظم ڪندو، جڏھن ته شاداب خان نائب ڪپتان ھوندو. ٻين رانديگرن ۾ محمد رضوان، حيدر علي، فخر زمان، شعيب ملڪ، خوشدل شاھ،  محمد نواز، حسن علي، محمد وسيم جونيئر، حارث رئوف ۽ شاھين آفريدي شامل آهن. واضع رھي تہ پاڪستان ء بنگلاديش وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز 19 ڊسمبر يعني اڄ کان شروع ٿيندي.