بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ پاڪستان جي 20 رڪني اسڪواڊ جو اعلان: شاھنواز ڏاھاڻي آئوٽ

0
333

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ پاڪستان جي 20 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ واسي شاھنواز ڏاھاڻي کي شامل ناھي ڪيو ويو. پي سي بي جي پڌرائي موجب بابر اعظم (ڪپتان) عبدالله شفيق، عابد علي، اظھر علي، فواد عالم، امام الحق، ڪامران غلام، سعود شڪيل، محمد رضوان، سرفراز احمد، محمد نواز اسڪواڊ ۾ شامل آھن

جڏھن تہ بلال آصف، حسن علي، محمد عباس، نسيم شاھ، نعمان علي، ساجد خان، شاھين آفريدي ۽ دادو واسي زاھد محمود بہ پاڪستاني اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويا آهن. ان موقعي تي چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو ته حارث رئوف ۽ شاهنواز ڏاهاڻي کي واپس اماڻيو آيه ته جيئن قائداعظم ٽرافي کيڏي آسٽريليا جي دوري جي ٽيسٽ سيريز جي تياري ڪن.