بند گهٽي ڏانهن ويندڙ عمران خان

0
276

چون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ وارن ملڪ جي ناليوارن صحافين کي افطاري تي گهرائي آف دي ريڪارڊ ڊگهي ڪچهري ڪئي آهي اهڙي آف دي ريڪارڊ ڪچهري هاڻي تجزين جي صورم ۾ آن دي ريڪارڊ وارو درجو حاصل ڪري چڪي آهي، جنهن جو حاصل مطلب اهو آهي ته ملڪ جي ارد گرد وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کان ويندي معاشي صورتحال تي به ان جا گهرا اثر ٿيندا، ان سلسلي ۾ پاڪستان کي به پنهنجي بيانيي ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هڪڙا تجزئي نگار ان سڄي صورتحال کي باجوه ڊاڪٽرائن واري پر اڻي بحث سان ڳنڍي رهيا آهن جنهن جو ڪنهن وقت ۾ ملڪ اندر وڏو بحث هو، هن آف دي ريڪارڊ ڪچهري ۾ به ڳالهه کي ان دور سان ڳنڍيو ويو آهي. چيو ويو آهي ته ان وقت جو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ان سڄي صورتحال کان واقف آهي، شاهد خاقان عباسي گذريل ڏينهن اهڙي سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته آف دي ريڪارڊ ڳالهين کي آف دي ريڪارڊ ئي رهڻ گهرجي. اهڙي آف دي ريڪارڊ ڪچهري جي حوالي سان مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن هڪڙن سياستدانن جو خيال آهي ته اهڙي ملاقات ڪرڻ ئي نه گهرجي ها، جڏهن ته ڪجهه ڌريون سمجهن ٿيون ته معاملي تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرڻ گهرجي ها. هڪڙا شاهه محمود قريشي جي تازن عرب ملڪن جي دورن کي به ساڳئي پس منظر هيٺ ڏسي رهيا آهن، شاهه محمود قريشي اهڙي تاثر کي رد ڪيو آهي ته ڪو دبئي وارا پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڳالهيون شروع ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
هڪڙو تاثر اهو به آهي ته هن سڄي صورتحال ۾ جيڪا سوچ اسٽيبلشمينٽ جي آهي اهڙي سوچ کان سويلين اڃان مڪمل طور تي آگاهه نه آهن، جنهن ڪري ڪڏهن کنڊ انڊيا کان گهرائڻ جو فيصلو سامهون اچي ٿو ته وري اهڙي فيصلي کي منظور ڪرڻ باوجود رد ڪيو وڃي ٿو. هن سڄي صورتحال ۾ اهو نتيجو به طئه آهي ته ايندڙ ارد گرد جي تبديلين جي نتيجي ۾ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سويلين حڪومت توڙي مخالف ڌر جي هڪ پيج تي هجڻ لازمي هوندو. ان ڪري ملڪ اندر جيڪو پي ڊي ايم جي صورت ۾ سياسي مخالفت وارو عنصر آهي اهو به حالتن جي پيش نظر فائديمند نه سمجهيو ويندو، جڏهن ته مخالف ڌر خلاف جاري ڪارروايون به قابل قبول نه هونديون. چون ٿا ته اهو به چيو ويو آهي ته نواز شريف کي اسان ناهي ڪيرايو هو پنهنجي وزن ۾ پاڻ ڪريو آهي، اهو به چيو ويو آهي ته عمران خان کي اسان نه پيا هلايون هو پاڻ سياستدان آهي.
هن سڄي صورتحال ۾ ملڪ جي سياست جو مقصد اهو ڪڍيو پيو وڃي ته هاڻي نواز شريف بجاءِ شهباز شريف فارمولو وڌيڪ وقت جي ضرورت مطابق هوندو، ان ڪري جتي اسٽيبلشمينٽ مخالف ڌر ڏانهن پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ڇڏي آهي اتي ئي اسٽيبلشمينٽ واري بحث کي پارليامينٽ اندر سياسي محاذ تي آڻڻ وارا مطالبا به ٿي رهيا آهن. ان حوالي سان اهم مطالبو هوندو ته وزيراعظم پارليامينٽ ۾ اچي خطاب ڪري، ساڳئي وقت وزيراعظم مخالف ڌر ڏانهن پنهنجو رويو اچو ته ڳالهايون وارو ڪري پر اهڙي صورتحال نظر نه ٿي اچي. وزيراعظم هينئر به جيڪي ملتان ۽ ڪوئيٽا جا دورا ڪيا آهن انهن ۾ ساڳيو ئي مافياز آڏو نه جهڪندس وارو فلسفو بيان ڪيو آهي، عمران خان جي مافيا ۽ اشرفيه جو مقصد پيپلز پارٽي نواز ليگ کانپوءِ هاڻي جهانگير ترين به سمجهيو پيو وڃي، جهانگير ترين جو جنهن جنوبي پنجاب سان تعلق آهي جنهن مختلف وقتن تي پنهنجي سياسي سگهه جو مظاهرو به ڪيو آهي ان ساڳئي جهانگير ترين واري علائقي ۾ وزيراعظم عمران خان ملتان ۾ شاهه محمود قريشي سان گڏجي جيڪو دورو ڪيو آهي ان کي به سياسي توازن جي بحالي واري پسمنظر هيٺ ڏٺو پيو وڃي. شاهه محمود چيو ته “آڌا تيتر آڌا بٽير نهين چلي گا”شاهه محمود قريشي جي اهڙي جملي کي خود پنهنجي حڪومت لاءِ به تصوري ڪري سگهجي ٿو ڇو ته چوڌري فواد به جهانگير ترين گروپ کي پنهنجي پارٽي وارا سڏي ٿو.وزير اعظم عمران خان اهڙي گروپ سان ملاقات به ڪري ٿو،ملاقات جو ماحول بهتر ڪرڻ لاءِ جهانگير ترين خلاف انڪوائري ڪندڙ آفيسر رضوان کي به هٽايو وڃي ٿو،جنهن کان پوءِ مخالف ڌر اهڙي ملاقات کي اين آر او سان تشبيهه ڏني آهي. ان کان اڳ وزيراعظم چوندو هو ته ڪنهن به آفيسر کي ڪو وزير به فون نه ڪندو، هتي ته ملاقات کان اڳ آفيسر ئي تبديلي ٿي ويو جنهن وزيراعظم عمران خان جهانگير ترين سان معاملا درست ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي هجي ان ڪاميٽي سان جهانگير ترين وارن ملڻ کان ئي انڪار ڪيو هجي بعد ۾ وزيراعظم کي پاڻ جهانگير ترين جي گروپ سان ملڻو پيو هجي ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته وزيراعظم ڪيترو ڪمزور ٿي چڪو هوندو.جيتوڻيڪ مريم نواز جو تازو بيان جنهن ۾ مريم نواز چيو آهي ته اسان عمران خان کي هٽائڻ نه ٿا چاهيون هو پنهنجي مدت پوري ڪري ته جيئن عوام جي سامهون نروار ٿي وڃي. مريم نواز جي اهڙي بيان کي ن ليگ جي پاليسي شفٽ واري دائري ۾ بحث ڪيو پيو وڃي پر اسان ان بحث کان اڳتي اهو سمجهون ٿا ته جيڪڏهن عمران پنهنجي مدت پوري ڪئي ته اها ڳالهه عيان ٿي ويندي ته سياسي دٻاءُ کي عمران خان برداشت نه ڪري سگهيو، پوءِ اهو چاهي آءِ ايم ايف جي دٻاءُ جي نتيجي ۾ اسد عمر کان حفيظ شيخ تائين حماد اظهر کان شوڪت ترين تائين تبديليون سامهون آيون هجن يا عاصم سليم باجوه کان جهانگيرترين جا قصا هجن. عمران خان جهانگير ترين جي گروپ جي دٻاءُ کي ٻه مهينا به برداشت ناهي ڪري سگهيو، هوڏانهن سپريم ڪورٽ اندر جيڪو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حق ۾ فيصلو آيو آهي ان به عمران خان جي حڪومت تي سخت دٻاءُ وڌو آهي. سياسي پارٽيون جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس موڪليندڙ صدر عارف علوي سميت حڪومت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن. هن ڪيس ۾ قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم کان شهزاد اڪبر تائين سب نروار ٿيا آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي معاملي تي اسٽيبلشمينٽ ڏانهن به سوال اٿيا آهن.نه رڳو سوال پر چيو پيو وڃي ته جسٽس قاضي عيسيٰ خلاف اهڙي ريفرنس جو بنياد ئي فيض آباد ڌرڻي واري رپورٽ هئي جنهن کانپوءِ قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي خاندان سميت قانوني جنگ واري ميدان ۾ جستجو ڪندي نظر آيو آهي، جنهن کان پوءِ سندس 6 ساٿي ججن سندس حق ۾ فيصلو ڏنو آهي. هي وزيراعظم عمران خان جنهن گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ چيو پئي ته مافيا وارا لنڊن ۾ اهڙي علائقي ۾ جڳهيون وٺن ٿا جتي برطانيا جو وزيراعظم به وٺي نه ٿو سگهي هن حڪومت ساڳئي نوعيت جا الزام جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي به مڙهيا هئا پر اهي الزام ثابت نه ٿي سگهيا. هاڻي هي جيڪو اڳوڻو ڊي جي ايف آءِ بشير ميمڻ موجوده حڪومت جي ڪپتان عمران خان سميت سندس سموري ٽيم تي جيڪي الزام مڙهي رهيو آهي جيڪڏهن انهن ۾ سچائي واري سوال کي گهرائي سان نه به ڏسجي تڏهن به ساڳئي نوعيت جا معاملا ڪپتان عمران خان جي حڪومت ريفرنس جي صورت ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ڪري چڪي آهي.ان ڪري جيڪڏهن بشير ميمڻ جي الزامن جي صورت ۾ شهزاد اڪبر ۽ بشير ميمڻ آمهون سامهون ٿين ٿا، بشير ميمڻ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وانگي قانوني ويڙهه وڙهي ٿو ته پوءِ عمران خان جي حڪومت وڌيڪ اڪيلائي جو شڪار ٿيندي نظر ايندي. هونئن به پي ڊي ايم پنهنجي سڄي معاملي کي عيد کانپوءِ تائين رکيو آهي جنهن دوران پي ڊي ايم جا سربراهه هڪ ٻئي سان ڳجهيون ملاقاتون ڪري رهيا آهن جنهن ۾ لڳي ٿو ته سموريون پي ڊي ايم واريون پارٽيون ٻه قدم پوئتي هٽي سوچي رهيون آهن جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته پيپلز پارٽي جي استعيفائون نه ڏيڻ واري فيصلي سان ن ليگ به اتفاق ڪري رهي آهي، جڏهن ته يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ ۾ مخالف ڌر واري سيٽ جي حوالي سان نئين سري سان ڳالهيون ڪرڻ تي به معاملا هلي پيا آهن جيڪڏهن پي ڊي ايم وري بحال ٿي وڃي ٿي جنهن ۾ مريم نواز جي جڳهه تي شهباز شريف ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو جيڪو مفاهمت جو رستو ڪڍي اسٽيبلشمينٽ واري بريفنگ کي پارليامينٽ اندر کڻي اچڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو تڏهن وزيراعظم عمران خان انهن سان گڏ ويهڻ تي راضي ٿئي ٿو يا پي ڊي ايم، جهانگير ترين، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريفرنس کان بشير ميمڻ جي الزامن تائين واري گهيري ۾ آيل عمران خان پنهنجي لاءِ اڪيلائي وارو رستو اختيار ڪري ٿو اهو وقت ئي ٻڏائيندو .