ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا 43 اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن ۽ 20 سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر موڪل واري ڏينهن بدلي، ان ڏس ۾ آچر تي موڪل هوندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي شمس الدين سومرو 17هين گريڊ جي 43 اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن سيد چيزل شاھ، وقار کهاوڙ، آغا جهانگير خان، محمد وقار، سيد عبدالحسيب، منصور عالم، حزب الله شيخ، فهيم صديقي، ثناالله شيخ، عديل اڪرم قريشي، سيد فرقان علي، سيد اختر علي ۽ ٻين جون بدليون ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته 16هين گريڊ جي 20سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽرن عمير ڪريم، عذير امتياز، احسان رياض خشڪ، محمد عباس، علي خان، حسام الدين راشدي، راشد حسين، عامر عباسي، ابرار احمد، نبي بخش زرداري، مشتاق دراني ۽ ٻين کي بدلي ڪيو ويو آهي.